پوليس عملدار پٽي ڀائي کي بچائڻ ۾ ڪامياب، ايس ايچ او کي 2 نينگرين جو خون معاف

پوليس عملدار پٽي ڀائي کي بچائڻ ۾ ڪامياب، ايس ايچ او کي 2 نينگرين جو خون معاف

ڳڙھي حسن (ن پ ا) ايس ايچ او مقصوم سنجراڻي جي ڪار جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويل ٻن معصوم نينگرين جي وارثن ڏي ڊي ايس پي ٺل غلام مصطفيٰ ابڙو، ڊي ايس پي تنگواڻي غلام سرور ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ ميڙ منٿ قافلو ڳوٺ صدرالدين ننڍواڻي پھتو، نندواڻي برادري جي مقدمن سخي حامد خان نندواڻي، مقدم داد محمد خان نندواڻي، مقدم جاڳڻ خان نندواڻي، ظفر الله نندواڻي، حافظ سلطان احمد نندواڻي نينگرين جا وارث ۽ ٻيا موجود ھئا، نينگرين جي وارثن ميڙ منٿ قافلي کي مان ڏيندي ٻنھي نينگرين جا خون معاف ڪري ڇڏيا، نينگرين جي والدين ابوبڪر نندواڻي ۽ محمد اسماعيل نندواڻي ٻڌايو ته اسان جون معصوم نينگريون ايس ايچ او مقصود سنجراڻي جي ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي ٿي پيون، جيڪي سکر جي اسپتال ۾ اعلاج دوران فوت ٿي ويون. ميڙ منٿ قافلو اچڻ تي خون ايس ايچ او مقصود سنجراڻي کي معاف ڪيا آھن. 7 ڏينهن اڳ حادثي ۾ 7 ورھين جي مومل نندواڻي ۽ 8 ورھين جي ستابي نندواڻي زخمي ٿيڻ بعد فوت ٿي ويون هيون.