پوليس ماري ڇڏيندي: ميهڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي ستايل نوجوان ڦاهو کائي آپگھات ڪري ڇڏيو

ڊسمبر 17, 2024

ميهڙ (رپورٽ: عبدالرحمان قمبراڻي) ميھڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد حاطا محلي ۾ 30 ورھين جي نوجوان سلطان بروھي مبينا طور پکي ۾ پاڻ کي ٽنگي ڦاھو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. نوجوان جو لاش ڪيترائي ڪلاڪ پکي ۾ ٽنگيل رھيو وارثن پاران ڪمري جو دروازو ڀڃي ٽنگيل لاش لاٿو ويو، جڏھن ته نوجوان جي وڇوڙي تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو. فوتي نوجوان جي امڙ مسمات نوربانو بروھي ٻڌايو ته منھنجو پٽ سلطان بروھي پوليس جي زيادتين سبب پريشان رھندو ھو، جنھن رات پنھنجي گھر جي ڪمري ۾ پکي ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪئي آھي. ھن چيو ته منھنجي پٽ کي ميھڙ ٿاڻي جو اڳوڻو وڏو منشي الاھي بخش زرداري ۽ ميھڙ پوليس ڏوھه ڪرائڻ تي مجبور ڪندا ھئا. اسان سان ظالمن ظلم ڪيو ويو آھي، منھنجو پٽ بيگناهه ھو. ان کي ڪيترائي ڀيرا گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. ڪجھه مھينا اڳ به کيس ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ زخمي ڪيو ويو ھو. کيس انتھائي پريشان ڪيو ويو، سندس امڙ دانھون ڪندي دانھيندي رھي ته منھنجي پٽ پوليس جي ظلم کان تنگ اچي مجبور ٿي اھڙو قدم کنيو آھي. معاملي جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

فوتي چند ڏينهن اڳ وڊيو بيان ۾ به پوليس خلاف احتجاج ڪيو

ميھڙ: خودڪشي ڪندڙ نوجوان سلطان بروھي ڪجھ ڏينھن اڳ سوشل ميڊيا تي اھڙو ويڊيو بيان به جاري ڪيو ھيو جنھن ۾ ھن ميھڙ پوليس ۽ اڳوڻو وڏو منشي الاھي بخش زرداري مٿان به اھڙو الزام ھنيو ھيو ته پوليس کيس ڏوھن جي دنيا ۾ آندو ۽ پوليس جي چوڻ تي مان چوريون ڪري ايندو ھيس ان باوجود به ڪنھن تدارڪ نه ڪيو.

سلطان ڪجهه ڏينهن اڳ هاف فراءِ به ٿيو هو: ايس ايچ او بي سيڪشن جي تصديق

ميھڙ: ايس ايچ او بي سيڪشن غلام حيدر چانڊيو موجب خودڪشي ڪندڙ نوجوان سلطان بروھي تي ميھڙ تعلقي جي مختلف ٿاڻن تي چورين ڦرن جا ڪيس به داخل ھئا ھو ڪجھ وقت اڳ ھڪ دفعو پوليس مقابلي ۾ زخمي (ھاف فراءِ ) به ٿيل ھيو جڏھن ته فوتي نوجوان جي خودڪشي سان پوليس جو ڪو واسطو نه آھي ھن چيو ته پوليس فوتي نوجوان جي امڙ ۽ وارثن سان ملي وڌيڪ ڪارروائي ڪرڻ جو چيو پر فوتي نوجوان جا وارث ڪا به قانوني ڪارروائي ڪرائڻ نه ٿا چاھين ۽ نه وري فوتي نوجوان جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آھي. وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي.

Leave A Comment