نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهرو فيروز ۾ اي ايس آءِ جي اوطاق تي عدالتي ڇاپو، باندي بڻايل 6 ڄڻن کي بازياب ڪرايو ويو
ايڊيشنل سيشن جج 2 جي حڪم تي ريڊ ڪمشنر پاران نوشهرو فيروز ٿاڻي جي اي ايس آءِ راهب ڪلهوڙو جي اوطاق تي ڇاپو هنيو ويو
عدالتي ڇاپي ۾ پنجاب واسي وقاص ۽ عدنان کي بازياب ڪرايو ويو، جنيد ڪلھوڙو، شمشير منگي، سڌير سولنگي ۽ فرزند مستوئي به بازياب ڪرايلن ۾ شامل آهن
نصير ڪلهوڙو جي درخواست تي عدالتي ڇاپو هنيو ويو، نصير ڪلهوڙو درخواست ۾ ڄاڻايو ته پوليس جنيد ڪلهوڙو کي گرفتار ڪري رشوت گهري رهي آهي