پوليس 400 ڄڻن تي ڪيس مڙهي 12 ڄڻا گرفتار ڏيکاريا

پوليس 400 ڄڻن تي ڪيس مڙهي 12 ڄڻا گرفتار ڏيکاريا

ڪراچي: ڪراچي ۾ ايڪتا ريلي ۾ شامل ماڻهن ۽ پوليس وچ ۾ چڪرين وارو معاملو، وڪيلن جي احتجاج تي گرفتا ماڻهن کي آزاد ڪرڻ باوجود پوليس دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ورتو، سرڪاري فرياد تي صدر ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ پوليس تي حملي، ڀڃ ڊاهه، گاڏين کي نقصان پهچائڻ ۽ هنگامي ڪرڻ جا قلم شامل ڪيا ويا، ڪيس ۾ شهزور، سلمان، ارشاد، زبير، علي محمد، ذوالفقار،ساجد، اويس، اطهر ۽ ٻيا نامزد ڪيا ويا، مجموعي طور 300 کان 400 ڄڻن کي ايف آءِ آر ۾ شامل ڪيو ويو. متن موجب قلم 144 لاڳو هجڻ ڪري ايف ٽي سي پل وٽ ريلي کي پوليس روڪيو ته ريلي ۾ شامل ماڻهن روڊ بند ڪري ڇڏيو، جوابدارن پٿراءُ ڪيو، ايمبولينس، ريڊ بس ۽ پوليس موبائيل کي نقصان پهچايو ۽ هوائي فائرنگ ڪئي، موٽ ۾ پوليس لاٺي چارج ۽ شيلنگ ڪئي، پوليس موجب 12 جوابدار گرفتار ڪيا