پوه جون پويون راتيون ۽ لڪل گدڙن جي ڳولها….ميان مير چانڊيو

                 هن وقت جڏھن رٽائرڊ جنرل فيض حميد کي فوجي ڪورٽ چوڏھن سال سزا ٻڌائي چڪي آھي, ته ان وقت مخالف ڌر تي ڄڻ ماڪ پئجي چڪي آھي, ڇاڪاڻ ته ھو سمجهن ٿا ته  رٽائرڊ جنرل فيض حميد جي  سزا سان اڳيان هلي عمران نيازي لاء وڌيڪ ڏکيائون  پيدا ٿينديون. فيض حميد عمراني ٽولي لاء آخري سهارو ھو, هن تي  سياست ۾ ٽنگ اڙائڻ ۽ عمران نيازي جي اقتدار کي ڊيگهه ڏيارڻ جا سنگين الزام عائد آھن. جيتوڻيڪ جنرل فيض حميد پي ٽي آئي ۽ ان جي حڪومت کي ته فيض اڏيندو رهيو پر ٻيون پارٽيون سندس ڏمر هيٺ رهيون، جڏھن هو آئي ايس آئي جو  سربراه هو. عجيب اتفاق آھي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ھڪ ٻيو به جنرل, جنهن جي نالي ۾ فيض جو لفظ اچي ٿو، ان تي به اهو الزام هو ته هن ڀٽي جي حڪومت ختم ڪرڻ ۾ جنرل ضياءَ جو نه رڳو ڀرپور ساٿ ڏنو هو, پر کيس ڀٽي جو تختو اونڌو ڪرڻ لاء خوب ڀڙڪايو به هو. اهو جنرل هو جنرل فيض علي چشتي. جنرل فيض علي چشتي 1927ع ۾ پنجاب ۾ پيدا ٿيو, 1946ع ۾ بطور آرٽلري آفيسر برطانوي هندستان جي فوج ۾ شامل ٿيو. ورهاڱي کان پوءِ ھو پاڪستاني فوج ۾ شامل رهيو. چيو وڃي ٿو ته ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جو سارو ڪم جنرل چشتي ئي ڪيو هو. جيتوڻيڪ ڀٽي حڪومت جو تختو الٽو ڪرڻ جو ارادو جنرل ضياءُ جو هو, پر ان جي دل ٻڌائڻ ۾ وڏو ڪردار جنرل چشتي جو هو. 5 جولائي 1977ع جي ڏينهن کان هڪ ڏينهن اڳ جنرل ضياءَ کيس چيو: مرشد ڪٿي مارائي  ته نه وجهندين!

ڀٽي حڪومت جي خاتمي کان پوء ھو ڪيترو عرصو جنرل ضياءَ جو منظور نظر رهيو. اهو به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته ڪجھ وقت کان پوءِ هن جنرل ضياءَ جو تختو الٽو ڪرڻ جو به منصوبو جوڙيو هو، جنهن جي جنرل ضياءَ کي خبر پئجي ويئي، جنهن ڪري کيس حڪومتي معاملن کان پاسيرو ڪيو ويو ۽ هو مايوس ٿي ويو. 1980ع ۾ رٽائرمينٽ وٺي گهر هليو ويو ۽ 2024ع ۾ گذاري ويو.

فيض نالي سان هڪ ٻيو همراه به ياد پيو اچي، جيڪو نه جنرل هو ۽ نه ئي رئيس  وڏيرو! هو پورهيت ماڻھو هو. هو فيضو نالي سان سڏبو هو. هو ماچين جي پڊ ۾ ويٺل هو. مون جڏھن کيس ڏٺو هو ته جهور پوڙھو ٿي ويو هو. هن جواني ۾ ڪنهن سان نڀاهيو ۽ ڪنهن سان وڃايو، ان جي ته خبر ناهي، آخر ۾ کيس پيرن ۽ ھٿن ۾ زخم ٿي پيا هئا، جيڪي چڪيا ٿي. هو  هر روز علي الصباح اسان کان  کير وٺڻ ايندو هو. بابا نماز پڙھي مينهيون ڏھندو هو ته لوڙھي ٻاهران سڏ ٿيندو هو: او محمد کير ڏيئي وڃ! …. پوء بابا منهنجي وڏي ڀاءَ اسحاق کي چوندو هو ته ابا فيضو فقير کي خدا ڪارڻ کير ڏيئي اچ. ڪجھ ئي مهينن ۾ هٿن ۽ پيرن جي ڦٽن جي سور ڪري ھو دارالبقا ڏي هليو ويو. پوءِ ته نه هن جا سڏ رهيا، نه ئي ڪتن جون ڀونڪون رهيون.

هاڻي جڏھن فوجي ڪورٽ جنرل فيض حميد کي سزا ٻڌائي آھي ته ھن وقت پوه جو مهينو هلي رهيو آھي. پوه، سيارو جو اهو مهينو آھي، جنهن ۾ سيء گهڻان ڪرندا آھن. پوه کان پوء ماگه ۽ ڦڳڻ جا مهينا به ايندا آھن. پوه ۾ سخت سردي پوڻ ڪري چئبو آھي: پوه لاڻا لوه. هن مهيني ۾ پکي ۽ جانور سيء کان پچڻ لاء محفوظ ھنڌ ڳولهيندا آھن. پوه راتين جي پهرين حصي ۾ گدڙ گڏجي ڍنڍن ڍورن ۾ مڇيءَ جو شڪار ڪري  اونائيندا آھن پر اڌ رات کان پوء خاموش ٿي ويندا آھن. پاڪستان جي پهرين خاتون وزيراعظم محترما بينظير ڀٽو جي حڪومت خلاف پاڪستاني ڳجهي اداري جي آفيسرن ميجر عامر ۽ برگيڊيئر امتياز جي اڳواڻي۾ Mid_ night Jackals mid جي نالي سان آپريشن بہ ڪيو ويو هو، جنهن جي سنڌي معنا ٿيندي اڌ رات گدڙ آپريشن. اهو آپريشن جيڪو حڪومت  خلاف سازش ھو، ٿوري ئي وقت ۾ وائکو ٿي ويو. جيتوڻيڪ ان کان پوء ٿوري ئي مدت ۾ بينظير حڪومت  ختم ڪئي ويئي، ۽ چيو وڃي ٿو ته ان آپريشن جو مک ڪردار جنرل اسلم بيگ هو.

 گدڙ جهنگلي جانور آھي. گدڙ پاڪستان سميت هندستان جي جهنگلن، جبلن ۽ ميدانن ۾ ملي ٿو. گدڙ سنڌ ۾  اڳي ته گهڻي تعداد ۾ ھو، پر هاڻي ان جانور جو تعداد گهٽجي ويو آھي. گدڙ اصل ۾ بگهڙ جي نسلي ڪٽنب ۾ شمار ٿئي ٿو. گدڙ ھوشيار پر ڊڄڻو جانور هوندو آھي. سنڌيءَ ۾ ان تي ڇوڻيون پهاڪا، ڪهاڻيون ۽ شاعري موجود آھي. مون کي ياد آيو ته لوڻيلو، شورڪي صالحياڻي ۽ توڳياڻي جي جهنگ ۾ بگهڙ ۽ گدڙ ھوندا هئا. اڳيان هلي بگهڙ ته ناياب ٿي ويا، پر گدڙ موجود هوندا هئا. جهنگ به زياده هوندو هو. پاڻيغ جي کوٽ ڪري زمينون به غير آباد هيون. پنجون ميل پراڻي واهه جي ڀڏي تي جوڳي ڳوٺ ٻڌي اچي ويٺا. هو ڏينهن ٽاڻي نانگ جهلڻ جي بهاني جهنگ ۾ گدڙن جا ٿاڪ ٿاڻا پيا ڳولهيندا هئا، رات جو  گدڙن جي گسن تي ڪوڙڪيون هڻي پيا اونائيندا هئا. گدڙ هنن جي اوناڙ ٻڌي جيئن ئي انهن پيچرن تي نڪرندا هئا ته ڪوڙڪي ۾ قابو ٿي ويندا هئا. پوءِ جوڳي انهن کي جهلي گهر کڻي ويندا هئا. ٿوري ئي عرصي ۾ جوڳين گدڙن جو ذري گهٽ نسل ئي ختم ڪري ڇڏيو. اها خبر ڳوٺاڻن کي پيئي ته هنن جوڳين کي گدڙن جو شڪار ڪرڻ جي منع ڪئي ۽ جهنگ ۾ لڳل ڪوڙڪيون کڻي آيا. اڄ جڏھن آئون هي سٽون لکي رهيو آھيان ته گدڙن جي اوناڙ منهنجي ڪن تي پئجي رهي آھي.

سرد رات سرنهن ۾  آھي گدڙ اوناڙ

آھيان توڏي پنڌ ۾,

مهار ميي جي تاڻيا  توڏي منهن مهاڙ

آھيان توڏي پنڌ ۾

توسان ملان مان ٻي ڪائي ناهي تاڙ

آھيان توڏي پنڌ ۾

ڏينهن ٻک ٽي آھي  جوڀن ڪندو جاڙ

آھيان توڏي پنڌ ۾.

آئون يادن جي رڻ ۾ ڀٽڪي پٺ تي موٽان ٿو ۽ بستري کان ٻاهر نڪران ٿو ته سيء ۾ ڏڪاڻي ٿي اچي. هن وقت نه رڳو پوه جي مهيني ۾ ڏڪاڻي ٿي اچي پر  سياسي موسم ۾ به ۾ ڏاڍي ڪنبڻي آھي. هڪڙو رٽائرڊ جنرل سزاوار ٿيو آھي ته ساري ملڪ ۾ خوف جي فضا ڇانئجي ويئي آھي. سوچيان ٿو ته گدڙن جي اوناڙ ته گهٽجي ويئي آھي، پر جوڳي اڃان به جوء ۾ موجود آھن، جن وٽ ساڳيون ڪوڙڪيون ۽ کين پڪڙڻ جا ساڳيا گر موجود آھن.