پوپ جي نالي ايراني والدين جو خط:… “رات جي لولِي ۽ ٿڌي قبر” وارو سدائين ياد رھندڙ جملو … عارف انيس

                 ايراني شهر ميناب تي حملي ۾ شهيد ٿيل ٻارڙن جي والدين جو پوپ جي نالي خط انتهائي ڏک ڀريو ۽ روئاڙي ڇڏيندڙ آهي. جنگيون سڀ کان پهرين انسانيت تي وار ڪنديون آهن. خدا نه ڪري ته ڪڏهن والدين کي اهڙا خط لکڻا پون.

                 هي خط ايران جي صوبي هرمزگان جي شهر ميناب مان لکيو ويو آهي. 168 ٻارڙن جا والدين، جيڪي 28 فيبروري 2026ع تي هڪ آمريڪي حملي ۾ پنهنجي جگر جا ٽڪرا دفن ڪري چڪا آهن، انهن روم ۾ پوپ ليو چوڏهين جي نالي هي خط لکيو آهي. خط جي شروعات قرآن پاڪ جي ان آيت سان ٿئي ٿي، جيڪا اسين مسلمان هر اهم ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ پڙهون ٿا: بِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيمِ۔ هڪ ڪيٿولڪ پوپ جي نالي، هڪ شيعه شهر جي مسلمان والدين طرفان، هي خط ان ئي هڪ سٽ سان شروع ٿئي ٿو، جيڪا عيسائيت ۽ اسلام ٻنهي ۾ “محبت” ۽ “رحمت” واري خدا کي سڏي ٿي.

والدين لکن ٿا:

“هي خط اسان اوهان کي ڏڪندڙ هٿن ۽ درد سان ڀريل دل سان لکي رهيا آهيون، ميناب جي انهن اسڪولن جي ڦلھيار ۽ ملبي مان. اسين 168 ٻارڙن جا ماءُ پيءُ آهيون، جيڪي انهن ڏينهن ۾ پنهنجي ٻارن جي گرم جسمن کي ڀاڪر پائڻ بدران، انهن جا سڙيل ٿيلها ۽ رت سان ڀريل ڪاپيون سيني سان لڳايون ٿا.”

28 فيبروري 2026ع جي صبح، ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي فوجي ڪارروائي “آپريشن ايپڪ فيوري” جي پهرين ڏينهن، پنج ٽوماهاڪ ڪروز ميزائل ايران جي ڏکڻ ۾ واقع ميناب نالي شهر تي ڪريا. انهن مان گهٽ ۾ گهٽ هڪ ميزائل “شجره طيبه” پرائمري اسڪول جي عمارت تي لڳو. عمارت جي ڇت ننڍڙن ٻارن مٿان اچي ڪري پئي.

هي اسڪول ڇوڪرين جو پرائمري اسڪول هو، جتي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون الڳ الڳ ماڙين تي پڙهندا هئا. فوت ٿيلن ۾ 110 ٻار، 26 استاد، ۽ اهي 4 والدين شامل هئا، جيڪي پهرين حملي جي آواز ٻڌندي ئي پنهنجي ٻارن کي بچائڻ لاءِ ڊوڙيا هئا، ۽ ٻي حملي انهن کي به ڳڙڪائي ڇڏيو.

پوپ ليو چوڏهون دنيا جي تاريخ جو پهريون آمريڪي پوپ آهي. ان جو تعلق شڪاگو جي اتر ۾ واقع وسندي ڊالٽن سان آهي، ۽ ان گذريل مئي ۾ ويٽيڪن جي مسند سنڀالي آهي. هن ايراني جنگ جي پهرين ٻن هفتن ۾ ان، پوپ جي روايت موجب احتياط کان ڪم ورتو. نه آمريڪا جو نالو کنيو، نه اسرائيل جو. صرف “ڳالهه ٻولهه” ۽ “سفارتڪاري” جي اپيل ڪندو رهيو. پر 16 مارچ 2026ع جي آچر جي صبح، سينٽ پيٽر اسڪوائر مان خطاب ڪندي، ان هڪ جملو چيو، جنھن جا پڙاڏا اڄ تائين گونجي رهيا آهن:

“جنگ بندي ڪريو، جيئن ڳالهه ٻولهه جا رستا ٻيهر کلي سگهن.”

۽ پوءِ ان هڪ سٽ جو واڌارو ڪيو، جيڪا سڌي طرح ميناب جي ان اسڪول ڏانهن اشارو هئي:

“انهن حملن اسڪولن، اسپتالن ۽ رهائشي عمارتن کي نشانو بڻايو آهي.”

پوپ جي هن جملي صدر ٽرمپ کي ڪاوڙ ۾ بي قابو ڪري ڇڏيو. ڪجهه ڪلاڪن اندر ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم “ٽروٿ سوشل” تي لکي ڇڏيو: “ڪو ته پوپ ليو کي ٻڌائي ته ايران گذريل ٻن مهينن ۾ 42,000 بيگناهه مظاهرين کي ماري چڪو آهي.” ان کان پوءِ هن پوپ کي “جرم تي ڪمزور” قرار ڏنو. وائيٽ هائوس طرفان اڄ تائين ميناب جي ٻارڙن جي موت تي ڪا به معافي سامهون نه آئي آهي.

ميناب جي والدين هن خط کي انهيءَ خاموشيءَ جي خلاف لکيو آهي. هي خط پنهنجي متن ۾ هڪ سفارتي شاهڪار آهي. هي اهو طريقو آهي، جيڪو ننڍين ۽ ڪمزور قومن صديون اڳ سکيو هو. جڏهن اوهان وٽ فوج نه هجي، خزانو نه هجي، ۽ اوهان وٽ رڳو درد هجي — ته اوهان اهو درد ڪنهن اهڙي ڪن تائين پهچايو ٿا، جيڪو طاقت سان نه، پر ايمان سان ٻڌي ٿو.

۽ پوپ ليو جو ڪن هن خط لاءِ کليل آهي.

والدين لکن ٿا:

“اسان جا ٻار ڪڏهن به هڪ بهتر مستقبل ٺاهڻ لاءِ واپس گهر نه ايندا. پر اسان سوڳوار ماءُ پيءُ جي دعا آهي ته اوهان جو پيغام — ‘هٿيار رکو’ — ٻڌو وڃي. خاص ڪري ان وقت، جڏهن آمريڪي ۽ اسرائيلي حڪومتون، پنهنجي وڌندڙ مطالبن سان، انهن ڏوهن جي باهه کي ڀڙڪائي رهيون آهن. اسان اوهان کان التجا ٿا ڪريون ته بي آواز ٻارڙن جو آواز بڻيل رهو، ۽ ‘ڳالهه ٻولهه جا سڀ رستا’ کولڻ جي ڪوشش جاري رکو، جيئن وڌيڪ هٿيار نه بڻجن، ۽ هن ڌرتيءَ تي ڪنهن ماءُ يا پيءُ کي پنهنجي ٻار جي ٿڌي قبر مٿان رات جي لولي يا سرگوشي ڪرڻ تي مجبور نه ٿيڻو پوي.”

هي جملو “رات جي لولي، ٿڌي قبر مٿان” — سالن تائين ياد رکيو ويندو. خدا والدين جي زخمن تي مرهم رکي ۽ هن خطي کي امن عطا ڪري.