| پوڪيمون جي ڪارڊ جي نيلامي، رڪارڊ رقم هٿ |
دوحا (انٽريسٽنگ نيوز) چيٽو جي شڪل جهڙو پوڪيمون چيزرڊ جنهن کي چيٽوزارڊ به چيو ويندو آهي کي نيلام ڪري وڌيڪ رقم جو نئون رڪارڊ قائم ڪيو ويو آهي. گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊز جو چوڻ آهي ته گولڊن آڪشنز مارچ 2025ع ۾ چيٽوزارڊ کي رڪارڊ 87 هزار 840 ڊالرن ۾ وڪرو ڪيو. 3 انچ ڊگهو چيٽو چيٽوزارڊ پوڪيمون ڪارڊ تي لڳل آهي ۽ ان کي هڪ شفاف دٻي ۾ بند ڪري محفوظ ڪيو ويو آهي. گولڊن جي خاصيت ناياب ۽ انوکيون شيون گڏ رڪڻ آهي ۽ چييٽوزارڊ به اهڙو ئي دلچسپ ۽ انوکو آهي.