قاضي احمد ( ن پ و) شاگردياڻي سوهانا جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿي وئي جنهن ۾ هوءَ چئي رهي آهي ته مان مرضي سان مذهب مٽائي پرڻو ڪيو آهي، حياتي کي خطرو آهي، تحفظ فراهم ڪيو وڃي
وڊيو ۾ نينگري سوھانا شرما چئي رهي آھي ته آءُ پاڻ اختر گبول سان آئي آھيان مسلمان ٿيڻ بعد هن سان شادي ڪئي آهي، منهنجن مائٽن منهنجي مڙس ۽ هن جي عزيزن خلاف جيڪي ڪيس داخل ڪرايا آهن انهن کي ختم ڪيو وڃي
سوهانا جو چوڻ آهي ته منهنجي ۽ منهنجي ور جي حياتي کي خطرو آهي اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي
ان کان اڳ نينگري جي پيُ دليپ ڪمار شرما پاران جاري نڪاح نامي ۽ ايفيڊيونٽ کي جعلي قرار ڏنو ويو هو سندس جو چوڻ آھي ته منهنجي نياڻي نابالغ آھي ميڊيڪل بورڊ جوڙي جاچ ڪرائي وڃي نياڻي کي حراسان ڪري وڊيو بيان جاري ڪرايا پيا وڃن منهنجي نياڻي کي اغوا ڪندڙ مختلف ڊاراما ڪري رهيا آھن