پيءُ پٽ ٽيم طور گڏجي سيڪنڊن ۾ عالمي رڪارڊ جوڙي ورتو

پيءُ پٽ ٽيم طور گڏجي سيڪنڊن ۾ عالمي رڪارڊ جوڙي ورتو

نيويارڪ (انٽريسٽنگ نيوز) پيءُ پٽ ٽيم طور گڏجي سيڪنڊن ۾ عالمي رڪارڊ جوڙي ورتو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪا جي سيريل ريڪارڊ هولڊر ڊيوڊ رش پنهنجي معصوم پٽ پيٽر سان گجي ٽيم جوڙي ۽ هڪ انوکو رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي. رياست آئيڊاهو سان تعلق رکندڙ ڊيوڊ رش معصوم پٽ سان گڏجي هنگري هنگري هيوز 5.8 سيڪنڊن ۾ ڪليئر ڪري عالمي رڪارڊ ٺاهي ورتو. جنهن بعد سندن نالا گنيز بڪ آف دي ورلڊ ريڪارڊ ۾ پڻ شامل ڪيا ويا آهن، واضح رهي ته ان کان اڳ اهو رڪارڊ 8.91 سيڪنڊن ۾ جوڙيو ويو هو، ان حوالي سان ڊيوڊ رش جو چوڻ آهي ته معصوم پٽ پيٽر ڪجهه مهينا اڳ ٽيم طور رڪارڊ قائم ڪرڻ لاءِ چيو هو جنهن تي اسان ٻنهي گڏجي پلان جوڙيو ته اهڙو رڪارڊ جوڙيو وڃي جنهن مان نه رڳو مزو اچي پر اهو ڪڏهن به ٽٽي نه سگهي. هن چيو ته ٻنهي ڄڻن گڏجي اهڙو رڪارڊ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ آخر اسان کي اهڙو رڪارڊ ملي ويو، جنهن بعد اسان ٻنهي گڏجي ٽيم جوڙي انکي ٽوڙي ورتو. ڊيوڊ رش جو چوڻ هو ته اسان ٻئي اهو رڪارڊ ٽوڙي تمام گهڻو خوش آهيون