پيدائش جي 6 ڏينهن بعد ٻارڙي جا ڏند نڪري آيا

پيدائش جي 6 ڏينهن بعد ٻارڙي جا ڏند نڪري آيا

شارجا(انٽريسٽنگ نيوز) شارجا ۾ هڪ انوکو واقعي ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب شارجه ۾ هڪ شهري عبدالرحمان جي گهر واري کي ويم لاءِ اسپتال داخل ڪرايو ويو جٿي ان نياڻي کي جنم ڏنو.  جنهن جو نالو مهرا عبدالرحمان رکيو ويو جڏهن ته معصوم نياڻي جي پيدائش کي 6 ڏينهن گذريا ته سندس ڏند نڪري آيا جنهن تي والدين حيرت ۾ پئجي ويا، نياڻي کي ٻيهر اسپتال آندو ويو جٿي سندس طبي معائنو ڪرڻ بعد ڊاڪٽرن کيس مڪمل صحتمند قرار ڏنو جڏهن ته 6 ڏينهن اندر ڏند نڪرڻ کي ناياب طبي ڪيس قرار ڏنو. ڊاڪٽرن موجب انهن ڏندن کي ولادي ڏند چيو وڃي ٿو جيڪي پيدائش بعد جلد ئي ظاهر ٿين ٿا، اهي ڏند ٻار جي صحت لاءِ خطرناڪ نٿا هجن جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن اهي ڏند ناياب طبي مسئلا به پيدا ڪري سگهن ٿا.