| پيرسن تي تشدد کليل دهشتگردي آهي: سجاول واسي روڊن تي اچي ويا، احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻو |
سجاول/دڙو(نمائندن وٽان) سجاول ۾ صوبائي وزير جي کليل ڪچهري ۾ پيرسن تي تشدد جو سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو، سجاول پوليس جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ صبغت الله جت، نور احمد جت، ولي محمد جت ۽ رضا محمد جت سميت 12 ڄڻا نامزد ڪيا ويا، ڪيس متاثر پيرسن بدران سرڪاري مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو ۽ پيرسن تي حملي جي الزام هيٺ آيل دانش کي به نامزد نه ڪيو ويو، پيرسن رجب ميمڻ تي تشدد ڪندڙ جوابدار اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيا، شهري اتحاد پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، مظاهري ۾ بزرگ شهري تي ڪيل تشدد کي کليل دهشتگردي قرار ڏنو ويو، اڳواڻن شهري اتحاد جي سرپرست اعليٰ نثار ميمڻ، سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي اڳواڻ جمن سنڌي، انقلابي ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻ رشيد سومرو، پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو اڳواڻ نظام لاکائي، جسقم بشير خان جي اڳواڻ محمد خان پٺاڻ، جي يو آءِ اڳواڻن مولوي اشرف ميمڻ، مولوي حسن قاسمي، ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته هي تذليل رجب ميمڻ جي نه پر پيپلز پارٽي جي آهي، اهڙي بيدردي واري عمل سان پارٽي جي ساک کي سخت ڌڪ پهتو آهي. اڳواڻن چيو تہ سجاول ۾ فرعونيت عروج تي آهي.
| رپورٽ وڏي وزير حوالي، جوابدار پيرسن کي کڻي وڃي رهيا هئا: صوبائي وزير |
ڪراچي: صوبائي وزير شاهينا شير علي چيو آهي ته کلي ڪچهري دوران هڪ پيرسن شڪايت ڪئي ته پويان هڪ نوجوان مٿس تشدد شروع ڪري ڏنو، وڏي وزير کي رپورٽ ڏني آهي، جوابدار پيرسن کي کڻي وڃي رهيا هئا پر پوليس کيس بچائي ورتو، متاثر شخص سان ضرور انصاف ٿيندو
بااثرن اڳ به اغوا ڪري تشدد جو نشانو بڻايو هو: پيرسن جو انڪشاف
سجاول: متاثر پيرسن رجب ميمڻ چيو آهي ته بااثر زبردستي زمين خريد ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن اڳ به اغوا ڪري تشدد جو نشانو بڻايو هو، کلي ڪچهري ۾ شڪايت ڪئي ته تشدد ڪري موبائل فون کسي ورتو، ٻين ماڻهن بچايو.