ڪراچي (انٽريسنگ نيوز) ٿرپارڪر سان واسطو رکندڙ سرڪاري اسڪول جي رٽائرڊ استاد 79 ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان قانون جي ڊگري ماڻي ورتي. عمر رڳو هڪ انگ آهي ۽ سکڻ جو ڪو وقت مقرر ناهي، ان ڳالهه کي ٿرپارڪر جي تعلقي ڏيپلي جي ڳوٺ هيلاريو پير واسي رٽائرڊ استاد سُک رام داس سچ ثابت ڪري ڏيکاريو آهي.اٺن پٽن ۽ هڪ نياڻي جي پيءُ سُک رام داس 74 ورهين جي عمر ڪراچي يونيورسٽي جي قانون واري شعبي ۾ داخلا ورتي هئي ۽ 79 ورهين جي عمر ۾ قانون جي ڊگري حاصل ڪئي. سُک رام مسئلن جو حل ڳولي نئين نسل لاءِ هڪ عملي مثال قائم ڪيو آهي.