| پيرسن عورت پاران 50 سال رڳو پاڻي تي گذارو ڪرڻ جي دعويٰ |
هنوئي(انٽريسٽنگ نيوز) ورهين جي عورت 50سالن تائين رڳو پاڻي پي زنده رهڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ويٽنام سان تعلق رکندڙ بوئيٿي لوئي نالي 75 ورهين جي عورت دعويٰ ڪئي آهي ته 50سالن تائين رڳو پاڻي پيتو آهي ۽ ڪا به شئي نه کاڌي آهي. سندس چوڻ آهي ته سندس زندگي ۾ اهو سڀ ڪجهه 1963 ۾ ان وقت شروع ٿيو جڏهن مٿس وڄ ڪري، هوءَ ويٽنام جي جنگ دوران زخمي فوجين جي علاج لاءِ هڪ جبل جي چوٽيءَ تي وئي هئي جتي مٿس وڄ ڪري ۽ زخمي ٿي پئي . هن چيو ته وڄ ڪرڻ بعد بيهوش ٿيڻ بعد جڏهن هوش آيو ته هوءَ پهريان جيان نه رهي هئي، ڪيترن ئي ڏينهن تائين هن ڪجهه به کاڌو پيتو نه هو، رڳو کيس کنڊ مليل پاڻي پياريو ويندو هو. بوئيٿي لوئي ٻڌايو ته 1970 تائين هن ڪجهه به نه کاڌو هو رڳو پاڻي پيئندي هئي ۽ سافٽ ڊرنگ جو استعمال ڪيو، هن وقت به سندس گهر جو ريفريجريٽر پاڻي ۽ مٺي سافٽ ڊرنڪس سان ڀريل آهي، هوءَ ان عرصي دوران ٻارن لاءِ کاڌو به تيار ڪندي هئي پر پاڻ نه کائيندي هئي.