راڻيپور(رپورٽر) راڻيپور جي حويلي ۾ ٻارڙي فاطمه سان زيادتي ۽ قتل واري ڪيس ۾ گرفتار ۽ نامزد پيرن جي حمايت ۾ ڌاڙيل به ميدان ۾ اچي ويا
ڌاڙيل دل خان جتوئي پاران جاري ڪيل وڊيو ۾ چيو ويو آهي ته فاطمه قتل ڪيس ۾ فياض شاهه گرفتار ٿيو ته پوءِ سکر جي روڊن تي اسان نه پر اسان جا راڪيٽ لانچر ڳالهائيندا، جيڪو به نقصان ٿيندو ان جو ذميوار ايس ايس پي خيرپور هوندو
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڌاڙيل جو چوڻ آهي ته راڻيپور جي پيرن ڪڏهن به ڪنهن سان ناجائزي ناهي ڪئي، ٻارڙي فاطمه پنهنجي موت پاڻ مئي آهي پيرن تي سندس موت جو ڪوڙو الزام مڙهيو ويو آهي
ھن چيو ته جيڪڏھن ايس ايس پي خيرپور يا فاطمه جا وارث ناجائزي ڪندا ته ان جو ذميوار ايس ايس پي هوندو، اسد شاهه يا فياض شاهه کي ڪجهه به ٿيو ته اسان خاموش نه ويهنداسين هر شئي ٿرٿلي هوندي