خيرپو/قمبر (رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو/رحيم منگي) راڻيپور مان پير سهيل شاهه جي حويلي مان گم ٿيل قمبر واسڻ ناري ثنا گراماڻي وارو مامرو، ثنا جي امڙ طرفان سوشل ميڊيا تي پيرن جي حمايت ۾ بيان ڏيڻ کانپوءِ ايس ايس پي خيرپور جاچ جي سلسلي ۾ ناري جي ماءُ ۽ مامي کي گهرائي بيان وٺڻ بعد تحويل ۾ وٺي ڇڏيو
راڻيپور جي پير سهيل شاهه جي حويلي مان ڏيڍ سال اڳ گم ٿيل قمبر جي ڳوٺ ميڻا واسڻ نوجوان شادي شدهه ناري ثنا گرا ماڻي واري معاملي ۾ ناري جي امڙ ارشاد خاتون مشوري پنهنجو وڊيو بيان سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏيو
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل بيان ۾ ارشاد خاتون چيو ته سندس ڌيءُ ثنا پنهنجي والد ۽ مڙس جي ظلم کان تنگ ٿي راڻيپور ۾ پير سهيل شاه جي حويلي ڏانهن پاڻ وئي هلي هئي ۽ اتان نڪري به پاڻ وئي آھي، ان ۾ پيرن جو ڪو به ڏوهه ناهي، نه وري معاملي بابت پيرن کي ڪا خبر آهي، منهنجو مڙس ديدار گراماڻي پير سهيل شاهه مٿان ڪوڙا الزام هڻي رهيو آھي
اهڙي وڊيو بيان بعد ايس ايس پي خيرپور روحل کوسو ثنا جي امڙ ارشاد خاتون ۽ سندس والد ديدار گراماڻي کي جاچ جي سلسلي ۾ پاڻ وٽ خيرپور گهرايو، جتي ثنا جي امڙ کان پڇا ڳاڇا ڪرڻ بعد هن کي، ناري جي مامي رياض حسين مشوري ۽ ساڻن گڏ آيل نوجوان واجد ڀٽي کي پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو
ان سلسلي ۾ ايس ايس پي خيرپور جو چوڻ آهي ته گم ٿيل ناري ثنا جي جاچ جي سلسلي ۾ ناري جي والد ديدار گراماڻي ۽ سندس ماءُ ارشاد کي گهرايو هو، سامهون ڳالهيون ڪري معاملي جي معلومات ورتي، ناري جي امڙ پنهنجي ڀاءُ سميت هڪ نوجوان واجد ڀٽي کي به پاڻ سان گڏ وٺي آئي هئي جنهن لاءِ سندس چوڻ هو ته ديدار هن سان ڌيءُ ثنا کي ڪارنهن جو الزام ڏنو هو، جنهن سبب هو گهران نڪري پير سهيل وٽ حويلي وئي هئي ۽ اتان پوءِ نڪري وئي
ايس ايس پي چيو ته ناري جي امڙ کي ڌيءُ بابت ڄاڻ هجڻ جي شڪ ۾ ثنا جي مامي سميت ڪارنهن جي مبينا الزام هيٺ آيل نوجوان واجد ڀٽي کي پوليس حراست ۾ ورتو آھي
ٻئي طرف ثنا جي والد ديدار گراماڻي ٻڌايو ته زال ڪيترن ئي سالن کان پنهنجي والد ۽ ڀائرن وٽ رهندي آھي، مون کي 3 ڌيئرون آھن، جن مان ننڍي ثنا هئي، سڀني جون شاديون ٿيل آھن، چار پٽ آھن، جيڪي به ماءُ سان گڏ رهندا آھن
هن چيو ته اسان کي ايس ايس پي گهرايو هو، ٻنهي کي ويهاري بيان ورتا، جنهن ڇوڪري سان ڪارنهن جو الزام ڏئي رهي هئي، اهو اسان جي ڳوٺ ميڻا جو رهواسي آھي، ان ثنا سان شادي کان اڳ فون تي ڳالهايو هو، اهڙي خبر پوڻ بعد اسان ڇوڪري جي وارثن کي دانهن ڏني، جيڪي اسان ڏي ميڙ ڪري لنگهي آيا ۽ اسان کي لکي ڏنو ته ٻيهر اسان جو ڇوڪرو اهڙي حرڪت نه ڪندو
هن چيو ته بعد ۾ ثنا جي شادي مون پنهنجي ڀاڻج تنوير سان ڪرائي هئي، جنهن تان منهنجي زال ناراض ٿي پنهنجي والد جي گهر هلي وئي هئي
سندس چوڻ هو ته اسان مٿان پيرن وڏو دٻاءُ وڌو آھي ته معاملي کي راڄوڻي ذريعي نبيريو، جڏهن ته هيسايو به پيو وڃي، هن چيو ته منهنجو هڪ ئي مطالبو آھي ته نياڻي ثنا کي هٿ ڪري ظاهر ڪيو وڃي