خانواهڻ(رپورٽر) فوت ٿيل ٻارڙي فاطمه جي امڙ شبانا ڦرڙو موجب ته راڻيپور جي بااثر پيراڻي گاديءَ جي فرد وٽ اسان جون 3 نينگريون قيد ٿيل هيون
سندس چوڻ هو ته انهن جي جان کي خطرو هو ۽ بااثر شخص ڌمڪيون ڏنيون هيون ته جيڪڏهن فاطمه جو قتل جو ڪيس داخل ڪرايو ويو ته 3 نينگرين کي قتل ڪري ڇڏيندس
هن مطالبو ڪيو ته ڌيءُ جو قتل ڪيس بااثر خلاف داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي