| پيروسڻ: اغوا بعد قتل ٿيل نينگري جا هڏا ڀڳل ۽ ڄنگهه وڍيل هئي: ميڊيڪل رپورٽ جاري |
پيروسڻ (رپورٽ: وسيم عباس منهاس) پيروسڻ ۾ اغوا بعد بيدردي سان قتل ٿيل معصوم نينگري انيسا ڦل جي ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، ميڊيڪل رپورٽ موجب نينگري جو لاش 4 کان 5 ڏينهن پراڻو هو، مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ موت جو ڪارڻ بڻيو، نينگري جي مٿي جي هڏي ڀڳل هئي، ميڊيڪل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته لاش جي ڄنگهه به وڍيل هئي، نينگري کي قتل بعد سندس لاش زمين ۾ پوريو ويو هو، جڏهن ته معصوم نياڻي انيسا ڦل جي جنازي نماز کرڙاھ ۾ ادا ڪئي وئي،جنازي نماز ۾ نينگري جي وارثن سميت، ڊاڪٽر زاھد سولنگي صحافي ارشاد ڦل، حسين علي ڦل، محرم ڦل، وقار ڦل، عبدالرحيم ڦل ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنازي نماز بعد سوين آلين اکين سان نينگري کي اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو، ٻي طرف ايس ايس پي خيرپور امير مسعود مگسي کرڙاھ پُھچي نينگري جي وارثن سان تعزيت ڪئي، ان موقعي تي قتل ٿيل معصوم نينگري انيسا ڦل جي والد محمد حيات ڦل پاران ايس ايس پي خيرپور امير مسعود مگسي آڏون روئندي ٻانھون ٻڌي انصاف ڏيارن جو اپيلون ڪندو رھيو، ايس ايس پي خيرپور پاران نينگري جي والد محمد حيات ڦل کي انصاف جي خاطري ڪرائي، ان حوالي سان ايس ايس پي خيرپور امير مسعود مگسي چيو ته ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار سميت 3 ڄڻا گرفتار ٿيل آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ڪئي ويندي، جڏهن ته گرفتار ٿيلن ۾ عصمت لاشاري، محمد پناهه ڦل ۽ گل محمد عرف گلو ملاح شامل آهن.