پيروسڻ ڀرسان غلط ڪمن کان روڪڻ تان نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

اپريل 11, 2025

پيروسڻ(ن پ ا) پيروسڻ ڀرسان غلط ماڻهن جي صحبت ۾ اچڻ کان روڪڻ تان نافرمان پٽ پسٽل جا فائر ڪري پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار فرار، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب پيروسڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪرم خان لاشاري ۾ پٿر دل پُٽ عبدالله نوراڻي پنهنجي پيرسن پيءُ محبوب علي نوراڻي کي گوليون هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي پيرسن کي پيروسڻ پوليس ليٽر ڏئي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقه اسپتال ٺري ميرواهه منتقل ڪيو، جتان کيس حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري گمبٽ اسپتال نيو ويو، جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، پيرسن جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، علائقي واسين جو چوڻ ھو ته پيرسن محبوب علي نوراڻي پنهنجي پٽ عبدالله نوراڻي کي غلط ماڻهن جي صحبت ۾ اچڻ کان روڪيو جنهن تان ڪاوڙجي هن اھڙو قدم کنيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري سگهي هئي.

 

Leave A Comment