پيرولاشاري ويجهو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ پيرو اسٽار کٽي ورتو

پيرولاشاري ويجهو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ پيرو اسٽار کٽي ورتو

پيرولاشاري (ن پ ا) پيرولاشاري ويجهو مڇاري ڊي ٽورنامينٽ جو فائنل ميچ نوحاڻي اليون ۽ پيرو اسٽار جي وچ ۾ کيڏيو ويو، پيرو اسٽار ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، مقرر 12 اوورن ۾  مير فيصل جي 90 رنسن،رافيل جي 60 رنسن ۽ عابد خاصيلي جي 30 رنسن  جي مدد سان 195 رنسو ٺاهيون،  نوحاڻي اليون جوابي بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي صرف 103 رنسو ٺاهي فائنل هارائي وئي، شاندار بالنگ ڪندڙ ابوطالب ميراڻي، غمشاد چانڊيو،عابد خاصخيلي،فدا خاصخيلي، مير شهاب ۽ اعظم چانڊيو پنهنجي ٽيم کي فائنل کٽرايو، 90 رنسو ٺاهڻ تي مير فيصل ٽالپر کي ميچ جو هيرو قرار ڏنو ويو،فائنل تقريب ۾ آيل مهمانن ٻنهي ٽيمن کي ٽرافيو ۽ ڪيش انعام ڏنا.