پيرونمل لڳ باهه لڳڻ سبب معصوم نياڻي سڙي فوت ، 8 گهر به خاڪ ۾ تبديل

ڊسمبر 21, 2024

پيرونمل (ن پ ا) پيرونمل جي ڳوٺ جنگي خان بگٽي ۾ سعيداڻي بگٽي برادري جي گهرن کي سولر پينل مان اچانڪ باھه لڳي وئي، غلام رسول بگٽي جي معصوم چار سالا نياڻي رضوانه سڙي فوت ٿي وئي، جڏهن ته پورهيتن جا 8گهر سڙي رک ٿي ويا، گهرن ۾ پيل سمورو سامان هنڌ بسترا کٽون ۽ ٻه موٽر سائينڪل ۽ 10ٻڪريون به سڙي رک ٿي ويون، ٻئي پاسي ڳوٺاڻن ۽ علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت باھه تي ظابطو آندو جڏهن ته باھه متاثر خاندان شديد سردي ۾ کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، وس وارن کان مدد جي اپيل ڪئي آهي.

Leave A Comment