پيرونمل ۾ عورت مڙس سان مال جي گاهه تان ڪاوڙجي خودڪشي ڪري ڇڏي

جُولاءِ 4, 2023

پيرونمل (رپورٽر) پيرونمل ۾ عورت مڙس سان ڪاوڙجي ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي، عورت 4 ٻارن جي ماءُ هئي

پيرونمل ٿاڻي جي حد ڳوٺ لاکهو ڀنڀرو ۾ اهڙو واقعو پيش آيو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته ريشو زال مصري ڪولهي گهر  جي چونئري ۾ اڳٺ سان ڦاهو کائي زندگي جو انت آندو

عورت ريشو ڪولهي جي مڙس مصري ٻڌايو ته گذريل ٻن ٽن ڏينهن کان اسان زال مڙس جو مال جي گاهه ۽ چاري تي تڪرار هو، گھر جا ڀاتي ڦٽين جي چونڊ تي ويل هئا پويان ريشو آپگهات ڪيو

پيرونمل پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو

Leave A Comment