| پيرو لاشاري ويجهو رپ ڊي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ٽالپر ٽائيگر کٽي ورتي: چانري اليون کي شڪست |
پيرولاشاري )ن پ ا( پيرولاشاري ويجهو ٽالپر ٽائيگر رپ ڊي ٽورنامينٽ جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو، رپ ڊي ٽورنامينٽ جو فائنل ميچ ٽالپر ٽائگر ۽ چانري اليون جي وچ ۾ کيڏيو ويو. چانري اليون ٽاس کٽي پهريان بالنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ٽالپر ٽائگر پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 8 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 116 رنسون اسڪور ڪيون، جنهن ۾ حاجي سليمان 53 ۽ فيضان 32 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. چانري اليون جي بالر زوهيب ڊي جي بهترين بالنگ ڪندي هڪ وڪيٽ پنهنجي نالي ڪئي.116 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ چانري اليون جي ٽيم مقرر 8 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي صرف 90 رنسون ٺاهي سگهي ۽ فائنل ميچ هارائي ويئي. چانري اليون جي ڪپتان عامر ميمڻ 35 رنسن جي بهترين اننگز کيڏي، پر پنهنجي ٽيم کي شڪست کان بچائي نه سگهيو. ٽالپر ٽائگر جي بالرن سعد خان، ابوطالب ميراڻي، فراز جمالي ۽ ياسر انصاري شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي پنهنجي ٽيم کي فائنل کٽرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.53 رنسون ٺاهڻ تي حاجي سليمان کي ميچ جو هيرو قرار ڏنو ويو، جڏهن ته ٽورنامينٽ جو بيسٽ بيٽسمين پڻ حاجي سليمان ٽالپر ۽ بيسٽ بالر سعد خان کي قرار ڏنو ويو. فائنل تقريب ۾ آيل مهمانن ٻنهي ٽيمن ۾ ٽرافيون ۽ ڪيش انعام ورهايا. واضح رهي ته ٽالپر ٽائگر جي ڪپتان مير شهاب هڪ مهيني اندر ٽيون ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري نئون اعزاز حاصل ڪيو.