پيرپاڳاري جو روحاني دورو، مريدن کي زيارت ڪرائي، دعائون 

پيرپاڳاري جو روحاني دورو، مريدن کي زيارت ڪرائي، دعائون 

پيرجوڳوٺ (ن پ ا) حر جماعت جي روحاني پيشوا جي ڊي اي سربراهه پير صبغت الله شاهه المعروف پيرپاڳاري جو روحاني سفر شروع ٿي ويو، پيرڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ ڳوٺ حاجي ميرل ناريجو، باگو ڦلپوٽو، ڪوٽ ميرمحمد، سڪندر آباد، سڪندر آباد ۽ ٻين علائقن ۾ پهچي مريدن عقيدتمندن تي زيارت ڪرائي، ان موقعي تي دعائون پڻ گهريون ويون، جڏهن ته بعد ۾ پيرپاڳارو ڳوٺ محمد بخش ڪٽپر ۾ دعوت تي پهچي ويو، جتي مريدن ۽ عقيدتمندن کي روحاني خطاب به ڪندو.