پيرڳوٺ : بجلي جي ڪرنٽ ۾ نوجوان فوت
جُون 26, 2025
پيرجوڳوٺ ( پنهنجي ڊيسڪ ) پيرجوڳوٺ ويجهو ڳوٺ پيارو خان اڄڻ ۾ سولر پليٽن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو، فوتي نوجوان جي سڃاڻپ 18 ورهين جي امتياز علي طور ڪئي وئي، فوتي نوجوان کي زخمي حالت ۾ اسپتال نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو، نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.