پيرڳوٺ ۾ آپريشن: بدنام ڏوهاري مرچو ناريجو ۽ سندس ساٿي مارڻ جي دعويٰ: لاش نه مليا 

  پيرڳوٺ ۾ آپريشن: بدنام ڏوهاري مرچو ناريجو ۽ سندس ساٿي مارڻ جي دعويٰ: لاش نه مليا 

خيرپور (رپورٽر) خيرپور پوليس طرفان پير جو ڳوٺ جي ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين سان مبينا مقابلي بعد بدنام ڏوهاري مرچو ناريجو ۽ سندس هڪ ساٿي کي مارڻ جي دعويٰ، جوابدار مرچو ناريجو جو به وڊيو بيان سوشل ميڊيا تي وائرل،پوليس موجب ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين جي موجودگي بابت ڳجهو اطلاع مليو، جنهن تي پوليس ٽيم علائقي ۾ ڪارروائي لاءِ پهتي. پوليس پارٽي کي ڏسندي ئي ڏوهارين فائرنگ شروع ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ بدنام ڏوهاري مرچو ناريجو ۽ سندس هڪ ساٿي مارجي ويا، جڏهن ته ٻيا ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، واقعي کان پوءِ پوليس علائقي کي گهيرو ڪري سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو، پوليس رڪارڊ موجب مارجي ويل ڏوهاري مرچو ناريجو اغوا، ڦرن، ڌاڙن ۽ قتل سميت ڪيترن ئي سنگين ڪيسن ۾ گهربل هو، ۽ سندس خلاف مختلف ٿاڻن تي ڪيترائي ڪيس داخل هئا. ٻئي پاسي جوابدار  ڌاڙيل مرچو ناريجو جو وڊيو بيان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ جوابدار مرچو ناريجو جو چوڻ آهي ته  مون خلاف ڪوڙيون خبرون هلي رهيون آهن ته مرچو ناريجو مارجي ويو آهي، اهڙي خبر ۾ ڪابه صداقت نه آهي، مان خير خيريت سان آهيان ۽ پنهنجي گهر پنهنجي اوطاق تي موجود آهيان.