پيرڳوٺ ۾ منڪي پاڪس سبب وڌيڪ هڪ ٻارڙي فوت

پيرڳوٺ ۾ منڪي پاڪس سبب وڌيڪ هڪ ٻارڙي فوت

پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرڳوٺ ڀرسان منڪي پاڪس وائرس سبب وڌيڪ هڪ ٻارڙي فوت،2 ڏينهن اڳ سندس ڀيڻ به فوت ٿي وئي هئي، 5  ٻارڙا وائرس ۾ مبتلا. تفصيل موجب ڳوٺ ڪي ٽي مير محمد گهمرو ۾ منڪي پاڪس وائرس تيزي سان ڦهلجڻ لڳو. منڪي پاس وائرس سبب ٻن ورهين جي معصوم ٻارڙي ڪونج ڌيءُ بشير ملاح فوت ٿي وئي. ٻه ڏينهن اڳ سندس ڀيڻ 4 ورهين جي عليزه پڻ فوت ٿي هئي جڏهن ته وڌيڪ 5 ٻارڙا وائرس ۾ مبتلا آهن جن جي حالت خراب آهي، وارثن جو چوڻ آهي ته ڳوٺ ۾ منڪي پاڪس وائرس تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي، 5 ٻارڙا مبتلا آهن، صحت کاتي پاران قدم کنيا وڃن.