پيرڳوٺ ۾ وياج نه ڏيڻ تان ڀائيٽي جي چاچي جو مٿو ڪوڙي تذليل

پيرڳوٺ ۾ وياج نه ڏيڻ تان ڀائيٽي جي چاچي جو مٿو ڪوڙي تذليل

خيرپور /پير جو ڳوٺ (نمائندن وٽان) پيرجوڳوٺ ۾ ڀائٽي وياج جا پئسا نه ڏيڻ تان پنھنجي سڳي چاچي جو مٿو ڪوڙي کيس تذيل جو نشانو بڻايو، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، ڀائٽي سرفراز عباسي ٻين سان گڏجي پنھنجي چاچي جي تذليل وقت پاڻ وڊيو رڪارڊ ڪرائي ته جيئن اها وڊيو وارثن ڏانهن اماڻي پئسا گهريا وڃن، ٻي طرف تذليل جو نشانو بڻيل رستم عباسي ٻڌايو ته مون کي وياجي تنگ ڪري موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا  آهن، هن چيو ته ڀائيٽي بااثر وياجين سان گڏجي مونکي ڌمڪيون ڏئي گهرائي منھنجو مٿو ڪوڙي تذليل جو نشانو بڻايو آهي، وڊيو بڻائي منهنجي گهرڀاتين ڏانهن موڪلي وئي آهي، هاڻي آئون خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي چڪو آهيان، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي، ھوڏانھن تذليل جو نشانو بڻجندڙ جي فرياد تي پيرجوڳوٺ پوليس جوابدار فراز عباسي کي گرفتار ڪري ورتو آھي.