پيرڳوٺ ۾ ڇاپا، ذخيرو ڪيل 15 سئو کان وڌيڪ ڪڻڪ ٻوريون هٿ

پيرڳوٺ ۾ ڇاپا، ذخيرو ڪيل 15 سئو کان وڌيڪ ڪڻڪ ٻوريون هٿ

پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرڳوٺ ۾ غير قانوني ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنگري شان علي ميمڻ، ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر مشتاق احمد شيخ حساس ادارن سان گڏجي پيرڳوٺ شهر جي مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي 15 کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون هٿ ڪيون ويون،جڏهن ته هٿ ڪيل ٻوريون سرڪاري گدامن ڏانهن منتقل ڪيون ويون،  اي سي ڪنگري جو چوڻ آهي ته ڊي ايف سي ، ۽ حساس ادارن سان گڏجي سنڌ حڪومت جي هدايتن تي غير قانوني ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي ڪڻڪ جون 15 سئو کان وڌيڪ ٻوريون هٿ ڪري گدامن ڏانهن منتقل ڪئي پئي وڃي.
 

ڪڙي گهنور ۾ ٻيهر ٽيم پهتي، سيل ڪيل گودام جي وري چڪاس

ڪڙيوگهنور (ن پ ا) ڪڙيوگهنور ۾ 02 ڏينهن اڳ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ايگريڪلچر ٽيم گولاڙچي طرفان واپاري دليپ جي سيل ڪيل گدام جي  ٻيهر چيڪنگ ۽ سيپل وٺڻ لاءِ ٽيم  پهتي،  گدام جي سيل ختم ڪئي وئي،   واپاري جا 02 لائسنس  ايڪسپائر ۽ الزام هيٺ آيل ڊي اي پي ڀاڻ جون  10 عدد ٻوريون سيل ڪري ٽيم ڀاڻ جا سيمپل وٺي ليبارٽري چڪاس لاءِ پاڻ سان گڏ کڻي ويا،  واپاري دليپ مولاڻي   ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجھ  غفلت سبب  لائسنس ايڪسپائر آھن جيڪي  آئون جلد  نيو ڪرائيندس.  آئون ڪو ڊيلر ناهيان سڄي شهر کي ڇڏي مون کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي ، ڪو به ڀاڻ نقلي ناهي
 

سنڌڙي ۾ چڪي مالڪ سيل  ٽوڙي ڪڻڪ ڪڍي ورتي، ڪيس داخل
 

سنڌڙي (ن پ ا) ڦلھڏيون ڀرسان ديھه آساسر ۾ 15 ڏينھن اڳ اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌڙي مالڪ بخش مري جي اٽي جي چڪي تي ڇاپو ھڻي ذخيرو ڪيل 4 ھزار مڻ ڪڻڪ ھٿ ڪرڻ واري سيلون ٽوڙي چڪي مالڪ ڪڻڪ ڪڍڻ خلاف خوراڪ کاتي سپروائيزر اسلم جٽ جي فرياد تي ڦلھڏيون ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، مالڪ بخش  مري اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌڙي ۽ خوراڪ کاتي پاران سيل ڪيل گدام جون سيلون ٽوڙي ڪڻڪ ڪڍي ڇڏي جنھن خلاف خوراڪ کاتي جي ڊي ايف سي جي حڪم تي ڦلھڏيون ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، واضع رھي ته سنڌڙي تعلقي ۾ اٽي جي کوٽ ۽ اگھ وڌي وڃڻ ڪري ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪاروائين ڪيون پيون وڃن