راڻيپور (ن پ ا) پيپلزپارٽي ايم اين اي پير فضل علي شاهه جو سئوٽ پير آف راڻيپور اڳوڻي ضلعي ناظم پير سيد نياز حسين شاھ پيپلزپارٽي کي الوداع ڪري
اڳوڻي وزير اعظم عمران خان سان ملاقات ڪري پي ٽي آءِ ۾ اعلان ڪري ڇڏيو،ياد رهي ته نياز حسين شاھ فنڪشنل مسلم ليگ ڇڏي پيپلزپارٽي ۾ ۾شموليت جو اعلان ڪيو هو
هاڻي پيپلزپارٽي ڇڏي پي ٽي آءِ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آهي، هو فنڪشنل مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي ضلعي ناظم خيرپور پڻ بڻيو هيو، فنڪشنل مسلم ليگ پاران پير سيد نياز حسين شاھ اڳوڻي وزير اعليٰ سيد قائم علي شاھ جي نياڻي ايم اين اي سيد نفيسه شاھ کي شڪست ڏئي ضلعي ناظم بڻيو هيو، ان حوالي سان نياز حسين شاھ ٻڌايو ته
عمران خان سان ملاقات بهتر انداز ۾ ٿي آھي، جلد سنڌ جو دورو ڪندو، پي ٽي آءِ کي نئين سر تنظيم سازي ڪئي ويندي، تحريڪ انصاف جي قيادت ۾ بهتر نموني حقيقي آزادي تحت ڪم ڪبو،هن چيو ته پيپلزپارٽي هاڻي وڏيرائپ جي ور چڙهي وئي آھي