پيرجوڳوٺ(ن پ و) صدرجي ڀٽيون جي درگاھ شھيد بادشاھ جي گادي نشين جي ڀاءُ زمين تي ٻڌل مينهن کولڻ تان نينگر تي سخت تشدد ڪري گندي نالي جي پاڻي ۾ اڇلائي ڇڏيو، سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿي وئي
ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي ھڪ وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ تشدد جو نشانو بڻيل نينگر جو ڀاءُ دانھيندي ٻڌائي ٿو ته ھو جوکيا برادري جي زمين ھارپي تي ڪندا آهن جتي روزانو پاڙي جو بااثر رياض ڪلهوڙو مينهون ٻڌندو آهي
سندس چوڻ هو ته اڄ ان زمين تي پاڻي ڇڏڻ لاءِ مينهن کولڻ تي رياض ڪلھوڙو ڏمرجي پيو ۽ هن نينگر تي سخت تشدد ڪري گندي نالي جي پاڻي ۾ اڇلائي ڇڏيو
ھن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي، ٻئي طرف درگاھ شھيد بادشاھه جي گادي نشين ناظم الدين ڪلھوڙو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اھڙي ڳالهه ناهي اسان پاڙيسري آھيون ڪجھه ماڻهو ھرو ڀرو ڳالھه کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن