پير حسام جو ادبي پورهيو سهيڙڻ لاءِ ضرور ڪم ٿيندو: نورالهديٰ

پير حسام جو ادبي پورهيو سهيڙڻ لاءِ ضرور ڪم ٿيندو: نورالهديٰ

حيدرآباد: پوشيده تاريخ جا ورڪ پير حسام الدين شاهه جي ڪتاب تي سيشن ٿيو. جنهن جي ماڊريٽر ليکڪه نورالهدا شاهه هئي. ليکڪ پارس شاهه چيو ته اسان پنهنجي مدد تحت پير حسام الدين جون لکڻيون. خطن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ريسرچ لائبريري قائم ڪئي آهي. مواد ۽ لکڻيون محفوظ ڪيون آهن.  تاريخي خط مليا آهن. وڏن ماڻهن جا خط محفوظ ڪيا ويا آهن. ڏاڏي ڊاڪٽر ايملي شميل جون رڪارڊنگ موجود آهن. وڊيوز محفوظ آهن،  نورالهدا چيو ته پارس شاهه جو آواز ثقافت کاتي تائين پهچندو. جنهن ۾ پير حسام الدين جو ڪم سهيڙڻ لاءِ ضرور ڪم ڪيو ويندو.

حق گهرڻ  تي عورت کي غلط نظر سان ڏٺو وڃي ٿو: مقرر

حيدرآباد: اياز ميلي جي پڄاڻيءَ واري ڏينھن تي “اسان تي الزام آندا جڳ جيئڻ جا” جي موضوع تي ويھڪ ٿي. جنھن جي ماڊريٽر اطلس عبير ھئي. ان موقعي تي عرفانه ملاح چيو ته سماج ۾ عورتون جبر ھيٺ جيئن جا جتن ڪري رھيون آھن، اسان کي سماج ۾ عورت جي اصل حيثيت لاء جاکوڙ ڪرڻي آهي. سماجي اڳواڻ شازيه نظاماڻي چيو ته عورت کي سماج ۾ سياست کي سمجھڻ ۽ بحث مباحثو ڪرڻ ۾ حصو وٺرائڻ لاءِ ٻاھر ڪڍڻ گھرجي. ھن چيو ته آئين ۾ سڀ شھري برابر آھن. عورت ۽ مرد کي ھڪجھڙا حق حاصل آھن. رياست جي ذميداري آهي ته اھا عورت کي بااختيار ۽ خودمختيار بنائڻ لاء پاليسيون جوڙي لاڳو ڪري. ھن چيو ته آئين ھر انسان کي بنيادي حق فراھم ڪري ٿو. ريحانه شيخ چيو ته جتي عورتون پارليامنٽ ۾ پھچن ٿيون ۽ اليڪشن وڙھن ٿيون. جڏھن ته ڪجھ عورتون مڊل ڪلاس جون سياست ڪندي روڊن تي نظر اچن ٿيون پر اسان کي ڏسڻو اهو آهي ته عورت سماج ۾ سماجي، معاشي ۽ تعليمي طور ڪيتري خودمختيار آھي. سماجي اڳواڻ ھدا ڀرڳڙي چيو ته مرد کي عورت جي آزادي سان مسئلو ناھي، جيستائين اھا پاور کي چئلينج نٿي ڪري، ھن چيو ته عورت حقن جي ڳالھ ڪري ٿي ته ان کي غلط نظر سان ڏٺو وڃي ٿو.
 

ڪلاڪ اندر 43 ماڻهو خودڪشي ڪن ٿا، سماجي اڻبرابري ۽ ذھني دٻاءُ ڪارڻ
 

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) اياز ميلي ۾ “خودڪشي جو رجحان ۽ نوجوان” جي عنوان هيٺ ٿيل سيشن ٿيو. نامياري سائيڪاٽسٽ ڊاڪٽر عنايت مگسي چيو ته هر ڪلاڪ اندر سڄي دنيا ۾ 43 ماڻهو خودڪشي ڪن ٿا، خودڪشي انساني وجود جو لازمي حصو آهي، انسان اندر جيئن جيئڻ جي تڙپ موجود آهي، اهڙي طرح مرڻ جي تڙپ به وجود ۾ موجود آهي، جيڪو انسان جيئڻ جي تڙپ کان بيزار ٿي وڃي ٿو ان کي سمجهه نٿي اچي ته ڇا ڪري، تنهنڪري ان اندر خودڪشي وارو رجحان پيدا ٿئي ٿو.
 

“جواني نه رھندي” عنوان سان نوجوان شاعرن نڪور شاعري پڙهي، ڀرپور داد
 

حيدرآباد: اياز ميلو ۾  اياز مشاعرو ٿيو. جواني نه رھندي جي عنوان تحت نوجوانن جو مشاعري جي صدارت احمد سولنگي ڪئي.  نشا ڪنول .ھدا ڀرڳڙي ، ھيڪل ھاشم لوھار، امان گل پنھور، شعيب گل نومڙو، اويس ميمڻ، پوشاڪ علي  ٻرڙو، ۽ ٻين نوجوان شاعر ۽ شاعرانه پنھنجي نئين نڪور شاعري پڙھي داد وصول ڪيو.