پير سائين لاءِ عزت آهي، ڪنهن پارٽي ۾ شامل نه ٿيندس: جونيئر ذوالفقار

پير سائين لاءِ عزت آهي، ڪنهن پارٽي ۾ شامل نه ٿيندس: جونيئر ذوالفقار

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) پ.پ شھيد ڀٽو جي اڳواڻ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو گذريل ڏينهن حيدرآباد پھچي شھيد ٿيل شھيد ڀٽو اڳواڻ ڪاشف باغي جي تڏي تي پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي جنهن بعد ھو شھيد ڀٽو اڳواڻ ارشاد خاصخيلي جي گھر پھتو جتي ھن سندس امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته ڪاشف باغي پارٽيءَ جو اثاثو ھو ھن جا قاتل جلد گرفتار ڪيا وڃن ھن چيو ته آئون ڪنهن به پارٽي ۾ شموليت نه ڪندس پنھنجي ڌار پارٽيءَ ٺاھيندس باقي پير سائين پاڳاري ۽ ٻين سينئرس لاءِ عزت آھي