پير پاڳاري جو ڪراچي جلسو سياست جو رخ بدلائيندو: سردار رحيم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) فنڪشنل ليگ جي جنرل سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو آهي ته پير پاڳاري جو نعرو “متحد سنڌ، مضبوط پاڪستان” ملڪي ترقي ۽ استحڪام جو بنياد آهي، جي ڊي اي جي ھر ڪارڪن ۽ اڳواڻ جي اھميت پير پاڳاري جيتري آھي،   ڪالھ  فنڪشنل ليگ هائوس ڪلفٽن ۾ مختلف سياسي ۽ مذهبي جماعتن جي اڳواڻن جي فنڪشنل ليگ ۾ شموليت جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي هن چيو ته ڪراچي جي نالي ۾ سياست ڪندڙن جي مقابلي ۾ فنڪشنل ليگ جا جلسا وڏا ۽ مؤثر ٿي رهيا آهن، هن چيو ته  حڪمرانن وسيلن کي ڦريو، ادارن کي ڪمزور ڪيو ۽ پوليس سميت نظام کي ڪرپشن طرف ڌڪيو، جنهن سبب امن  امان جي صورتحال خراب ٿي وئي، ھن چيو ته  ڪراچي سنڌ جو معاشي حب آهي، فنڪشنل ليگ ڪراچي کي بچائڻ لاءِ جدوجهد ڪندي، پير پاڳارو جلد ڪراچي ۾ تاريخي عوامي جلسي کي خطاب ڪندو، جيڪو شهر جي سياست جو رخ بدلائيندو، هن وڌيڪ چيو ته جي ڊي اي ۽ فنڪشنل ليگ هڪٻئي جو حصو آهن، سڀ فيصلا مشاورت سان ڪيا وڃن ٿا هن چيو ته موجوده حڪومت جو جلد خاتمو ٿيندو