پير پاڳاري جي  ڀاڄائي منيبه راشدي پ پ ۾ شامل

پير پاڳاري جي  ڀاڄائي منيبه راشدي پ پ ۾ شامل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جي ڊي اي سربراهه  پير پاڳاري جي سوٽ قائم شاهه راشدي جي زال ۽ نادر شاهه جي ننهن منيبه شاهه راشدي پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو جي موجودگي ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي  پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري ۽ صوبائي وزير شاهينه شير علي پڻ موجود هئي.  پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي  منيبه شاهه راشدي کي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار ڪندي چيو ته منيبه شاهه پيپلز پارٽي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. موٽ ۾ منيبه شاهه راشدي چيو ته پيپلز پارٽي عورتن کي بااختيار بڻايو آهي،  هر فورم تي  عورتن کي نمائندگي ڏني آهي.