پير پاڳاري فيصلا ڪاميٽي لاءِ 5 نوان ميمبر مقرر ڪري ڇڏيا

پير پاڳاري فيصلا ڪاميٽي لاءِ 5 نوان ميمبر مقرر ڪري ڇڏيا

سانگهڙ(رپورٽر) حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري طرفان فيصله ڪميٽي لاء پنج نوان ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن. ان ڏس ۾  حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري طرفان درگاھ پير ڳوٺ جي فيصله ڪميٽي لاء پنج نوان ميمبر مقرر ڪري ڇڏيا آهن جن ۾ خليفي علي غلام نظاماڻي سنگت سان واسطو رکندڙ مراد علي نظاماڻي، خليفي سومر فقير مهر جي سنگت جي علي بخش فقير منڱريو، خليفي هاشم فقير خاصخيلي سنگت جي اسماعيل فقير چانگ ۽ غلام مصطفي فقير ڪلهوڙو ۽ چونڪي کتو جي علي حسن فقير سنجراڻي کي ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي، واضع رهي ته درگاھ پير ڳوٺ جي فيصله ڪميٽي جو چيئرمين سعيد خان نظاماڻي آهي جنهن جي فيصله ڪميٽي ۾ پنج نون ميمبرن جو اضافو ڪيو ويو آهي.