| پير پٺَي ۾ سيءُ کان بچڻ لاءِ ڪمري ۾ ستل ٻارن مٿان ڀِت ڪري پئي، 2 ڀائر فوت، ڀيڻ زخمي |
گهوڙاٻاري(ن پ ا) پير پٺو جي علائقي ۾ گذريل رات گهر جي ڀِت ڪرڻ سبب ٻه معصوم ڀائر دٻجي فوت ٿي ويا. سخت سيءَ سبب 10 ورهين جو مظفر عرف ٽيٻو خاصخيلي، 7 ورهين جو اشرف ۽ 5 ورهين جي سندن ڀيڻ نورين ولد امام بخش خاصخيلي ڪمري اندر ستل هئا، جڏهن ته سندن مائٽ گهر ٻاهران ورانڊي ۾ آرامي هئا. اوچتو زور دار ڌماڪي سان گهر جي ديوار ڪري پئي جنهن سبب هيٺان اچي معصوم ٻارڙا سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي تڪڙي علاج لاءِ رورل ھيلٿ سينٽر ور منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن 10 ورهين جي مظفر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ۽ 7 ورهين جي اشرف کي ڪراچي ريفر ڪيو جيڪو رستي ۾ فوت ٿي ويو سندن 5 ورهين جي ڀيڻ نورين جو علاج جاري آهي حادثي سبب علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي جڏهن ته وارثن ٻڌايو ته اسان غريب مسڪين آھيون گهر تمام پراڻو ھو نئين گھر اڏڻ جي پھچ نه ھئي مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪيون ٿا گهر جي ديوار پراڻي ھجڻ سبب ڪمزور ٿي پئي هئي جنهن ڪري هي المناڪ حادثو پيش آيو.