| پير گاجي شاهه جي ميلي تي ويندڙن سان حادثو، 2 ڄڻا فوت، عورت ۽ ٻارن سميت 4 زخمي |
سيوھڻ (ن پ ا) سيوھڻ ويجھو جھانگارا روڊ تي پير گاجي شاهه جي ميلي ۾ شرڪت ڪرڻ لاء ويندڙ زائرين جي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمهون سامهون زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 نوجوان ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته 4 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن, فوتين ۽ زخمين کي ايمبولينس ذريعي سيوهڻ جي سيد عبد الله شاهه انسٽيٽيوٽ اسپتال پھچايو ويو جتي فوتين جي سڃاڻپ دادو واسي دانش پنھور ۽ جھانگارا واسي اسلم نوحاڻي طور ڪئي وئي جڏهن ته زخمين ۾ شازیہ نوحاڻي،شيرل علي نوحاڻي شامل آهن. پوليس ذريعن موجب حادثي جو شڪار ٿيل ماڻهو گاجي شاھ جي ميلي تي وڃي رهيا هئا ته تيز رفتاري سبب ساڻن اھڙو حادثو پيش آيو، ٻئي طرف حادثي جي ھڪ زخمي شيرل کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ آئي سي يو ۾ منتقل ڪيو ويو، ھوڏانھن پوليس حادثي جي ابتدائي رپورٽ داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رھي آهي،