Home » پيسا ملڻ تي خوش نه ٿيو، هن سال 25 ارب ڊالر قرض ادا ڪرڻو پوندو: عالمي ادارن پاڪستان کي خبردار ڪري ڇڏيو
پيسا ملڻ تي خوش نه ٿيو، هن سال 25 ارب ڊالر قرض ادا ڪرڻو پوندو: عالمي ادارن پاڪستان کي خبردار ڪري ڇڏيو
جُولاءِ 4, 2023
ڪراچي(پنهنجي ڊيسڪ) معيشت جي درجا بندي ڪندڙ دنيا جي ٻن وڏين ريٽنگ ايجنسين خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان کي آءِ ايم ايف معاهدي تحت ملندڙ رقم کان به وڌيڪ فنڊنگ جي ضرورت پوندي ته جيئن هو قرضن جي ادائيگي ۽ معيشت کي بحال ڪري سگهي
بلوم برگ جي هڪ رپورٽ موجب موڊيز اانويسٽرسروس ۽ فچ ريٽنگز خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان کي هلندڙ مالي سال 25 ارب ڊالر قرض جي ادائيگي ڪرڻي آهي جنهن ۾ وياج ۽ قرض جون قسطون شامل آهن اها رقم پاڪستان جي ناڻي ذخيرن کان ستوڻ تي وڌيڪ آهي
ڊائريڪٽر فچ ڪرس جانس ڪرسٽينز ٻڌايو ته پاڪستان آءِ ايم ايف سان گذريل هفتي جيڪو 3 ارب ڊالر جو معاهدو ڪيو هو اها رقم ان کان گهڻي وڌيڪ آهي ۽ ان جي اڃا ايگزيڪيوٽو بورڊ کان منظّوري به ملڻي آهي پاڪستان کي قرض ادا ڪرڻ لاءِ ان کان به وڌيڪ رقم گهرجي
بلوم برگ انهن ٻنهي ادارن جو حوالو ڏيندي رپورٽ ڪيو ته آءِ ايم ايف پروگرام منڊين ۾ مثبت رويو پيدا ڪيو آهي تنهن هوندي به ان تي ايترو خوش نه ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اڃا به وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي
سنگاپور ۾ موڊيز جي تجزيي ڪار گريس لم ٻڌايو ته پاڪستان آءِ ايم ايف معاهدي لاءِ ٽيڪس وڌايا آهن ۽ وياج جي شرح ۾ به اضافو ڪيو آهي پر تنهن هوندي اها ڳالهه يقيني ناهي ته پاڪستان 9 مهينن اندر اهو قرض حاصل ڪري سگهندو ڇاڪاڻ ته سڌارن تي لاڳيتو عمل ڪرڻ ايترو آسان ناهي
ٻئي طرف موڊيز پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ 3 ارب ڊالرن جي اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ معاهدي تي چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان اسٽينڊ باءِ معاهدي سان پاڪستان جي مالي گنجائش ۾ معمولي بهتري ايندي پر آءِ ايم ايف فنانسنگ سان پاڪستان لاءِ فنڊ حاصل ڪرڻ جو رستو کلندو
موڊيز موجب اهو پَڪ سان نٿو چئي سگهجي ته پاڪستان آءِ ايم ايف جي 3 ارب ڊالر فنڊنگ حاصل ڪندو، پاڪستان کي ڊگهي مدي جي استحڪام لاءِ سڌارا ڪرڻا پوندا ۽ پنهنجي آمدني وڌائڻي پوندي
موڊيز موجب ويجهي مستقبل ۾ پاڪستان جون معاشي سرگرميون متاثر رهنديون، وڌيڪ وياج شرح ۽ مهانگائي ۽ حڪومتي خرچ سيڙپڪاري تي اثرانداز رهندا، پاڪستان جي ٻاهرين قرضن جي ادائيگي به بلند رهندي