پيغام مليو جلسو ڪندا ته انتشار ٿيندو، نئون 9 مئي ڳچي ۾ پوي ها، ”فرشتن“ سان ناهيان مليو: عمران خان

آگسٽ 24, 2024

اسلام آباد/ راولپنڊي(بيورو رپورٽ/ م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان چيو آهي ته انتشار کان بچڻ لاءِ جلسو ملتوي ڪيو. 9 مئي ڳچي ۾ پوي ها، فرشتن سان ناهيان مليو. نواز شريف جو ٿيلهو تيار آهي، رڳو سامان وجهڻ جي دير آهي. 8 سيپٽمبر تي ٿيندڙ جلسي ۾ ڪا به رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي. جيڪڏهن ڪو مسئلو ٿيو ته ذميوار به اُهي ئي هوندا، 2 گيمز هلن پيون، چيف جسٽس جو مدو نه وڌايو ويو ته سينيارٽي نظرانداز ڪري پنهنجو ماڻهو آندو ويندو

اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ جي جڏهن اسٽبلشمينٽ سان ڪا ڳالهه ٻول ٿئي ٿي ته انهن کي فوري طور تي 9 مئي ياد اچي وڃي ٿو. نواز ليگ وارا سڪرات ۾ اچي وڃن ٿا جلسو ملتوي ڪرڻ ۾ فرشتن جو ته ڪو ڪردار ناهي صحافي پاران پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نه ڪا ملاقات نه رابطو ٿيو آهي

پي ٽي آءِ باني وڌيڪ چيو ته آئون وڏي پارٽي جو سربراهه آهيان ان ڪري جنرل فيض جي اوپن ٽرائل جو مطالبو ڪري سگهان ٿو. جلسو ملتوي ڪري ملڪ کي انتشار کان پڻ بچايو. 22 آگسٽ تي مذهبي جماعتن جي احتجاج جي باري ۾ خبر پئي ته انتشار پيدا ٿيندو ان ڪري پوئتي هٽيا سين. اعظم سواتي ۽ بيرسٽر گوهر کي گهرائي ملاقات ڪئي جنهن بعد کين جلسو ملتوي ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هاڻي 8 سيپٽمبر تي جلسو ٿيندو جيڪڏهن اتي ڪنهن رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو پاڻ ذميوار هوندو

اڳوڻي وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن جلسو ڪريون ها ته خدشو هو ته هڪ ٻيو نئون 9 مئي بڻائي پي ٽي آءِ جي ڳچي ۾ وڌووڃي ها، جڏهن ته اڃا تائين پهرين واري 9 مئي جي عدالتي جاچ به ناهي ڪرائي وئي. هاڻي توهان پاڻ اجازت ڏني آهي ۽ سڀاڻي جلسي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته سموري ذميداري حڪومت تي هوندي، هاڻي عدالت جي ساک جو سوال آهي. عدالت اسان کي اجازت ڏئي ٿي پر انتظاميا کي ڪينسل ٿي ڪري ڇڏي. هي ملٽري جو مسئلو آهي نه ئي سيڪرٽ انٽرنيشنل اشو آهي

عمران خان وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن حمود الرحمان رپورٽ تي عمل ٿئي ها ته اڄ ملڪ ۾ جمهوريت هجي ها، اوپن ٽرائل سان ملڪ جو اهو ئي فائدو ٿيندو جيڪو حمود الرحمان رپورٽ تي عمل درآمد ڪرڻ سان ٿيند، حمود الرحمان رپورٽ تي عمل سان ملڪ ۾ 3 مارشل لا نه لڳن ها ۽ نه ئي اڄ اڻ اعلانيه مارشل لڳل هجي ها. عمران خان وڌيڪ چيو ته 9 مئي جمهوريت مٿان حملو آهي، ڪميشن جو مطالبو ان لاءِ ڪري رهيوآهيان ته آئينده ڪير به ٻيهر اهڙي غلطي نه ورجائي

Leave A Comment