پينشنرن لاءِ لائيف سرٽيفڪيٽ مفت: نادرا پاران سهولت شروع

پينشنرن لاءِ لائيف سرٽيفڪيٽ مفت: نادرا پاران سهولت شروع

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خاص هدايت تي نادرا پاران پينشنرز لاءِ پروف آف لائيف سرٽيفڪيٽ مفت جاري ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي. پينشنرز هاڻي گهر ويٺي پاڪ آءِ ڊي ذريعي پروف آف لائيف سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري سگهندا، جڏهن ته موبائل ايپ استعمال نه ڪندڙ پينشنر جي خاندان جو ڪو به فرد پڻ سندس سرٽيفڪيٽ ٺهرائي سگهندو. پروف آف لائيف جي مفت سهولت 5 هزار اي-سهولت فرنچائزز تي پڻ دستياب هوندي. ان کان علاوه 988 نادرا مرڪزن ۽ 500 يونين ڪائونسلن مان به سرٽيفڪيٽ مفت ٺهرائي سگهجي ٿو. نادرا مرڪزن ۽ يونين ڪائونسلن ۾ پينشنرز کي ترجيحي بنيادن تي سهولتون فراهم ڪيون وينديون، جڏهن ته موبائل رجسٽريشن وين، بائيڪر سروس ۽ مين پيڪ سروس ذريعي پڻ اها سهولت حاصل ڪري سگهجي ٿي. هي سهولت گهرو وزارت، دفاع واري وزارت، ڪنٽرولر جنرل آف اڪائونٽس ۽ ملٽري اڪائونٽنٽ جنرل جي سهڪار سان فراهم ڪئي وئي آهي.