| پينشن ادائيگي نه ٿيڻ تي ڊي جي ڪي ڊي اي خلاف ڪارروائي جو حڪم |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪي ٽي اي جي رٽائرڊ ملازمن کي ينشن جي ادائگي نه ٿيڻ بابت توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي دوران ڪي ڊي اي پاران عبوري عملدرآمد رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، عدالت پاران ڪي ڊي اي جي رپورٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي عدالت چيف سيڪريٽري کي ڊي جي ڪي ڊي اي خلاف انضباطي ڪارروائي شروع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت چيو ته عدالتي حڪم تي عملدرآمد نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڌرين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، عدالت توهين عدالت جي زمري ۾ ايندڙ آفيسرن کي به طلب ڪري ورتو، ڪي ڊي اي رپورٽ ڄاڻايو آهي ته ڪي ٽي اي مالي بحران ۾ آهي، عدالتي حڪمن تي ڪي ڊي اي هڪ هزار 4 سئو کان وڌيڪ رٽائرڊ ملازمن کي رهتون ادا ڪري چڪو آهي، فنانس کاتي پاران 13 جنوري تي هڪ خط مليو آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته رٽائرڊ ملازمن جي بجٽ ۾ واڌ لا۽ اپاء ورتا پيا وڃن، ڪي ڊي جي ملڪيتن جي وڪري بابت معاملن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي، ته جيئن رٽائرڊ ملازمن جون رهتون ادا ٿي سگهن، انڪري موجوده حالتن ۾ عدالتي حڪمن تي مڪمل عملدرآمد ناهي ٿي سگهيو، عدالت چيو ته ڪي ڊي اي جي وڪيل ٻڌايو آهي ته موجوده حالاتن ۾ عدالتي حڪمن تي عملدرآمد ناهي ٿي سگهيو، وڪيل اهيو به ٻڌايو آهي ته درخواستگذارن کي هر هفتي 10 سيڪڙو رهتون ادا ڪري سگهون ٿا.