پينشن ڪيس: سکر عدالت سمال انڊسٽريز ايڊمن کي لاڪ اپ ڪرائي ڇڏيو

پينشن ڪيس: سکر عدالت سمال انڊسٽريز ايڊمن کي لاڪ اپ ڪرائي ڇڏيو

سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ سمال انڊسٽريز جي ايڊمن کي پينشن ڪيس ۾ غلط بياني ڪرڻ تي هٿڪڙيون هڻائي لاڪ اپ ڪرائي ڇڏيو. ڪجهه دير بعد سرڪاري وڪيل معرفت معافي واري درخواست تي کيس آزاد ڪيو ويو. سکر واسي رٽائرڊ ملازم عبدالغفار شيخ پاران داخل ڪرايل درخواست جي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس ارباب علي هڪڙو تي ٻڌل ٻه رڪني آئيني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن دوران طلب ڪرڻ تي سمال انڊسٽريز جو ڊائريڪٽر ايڊمن احسان خان، درخواستگذار، وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا. درخواست گذار رٽارڊ ملازم عبدالغفار شيخ عدالت کي استدعا ڪئي ته مون کي رٽائرڊ ٿئي 15 مهينا گذري ويا آهن، پر پينشن نٿي ڏني وڃي. پينشن جي حاصلات لاءِ آفيسن جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور آهيان. مالي مشڪلاتون پڻ درپيش آهن. مون کي پنهنجو آئيني، قانوني ۽ جائز حق نٿو ڏنو وڃي. جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهارڪندي ڊائريڪٽر ايڊمن سمال انڊسٽريز کان پڇاڻو ڪيو، مطمئين ڪندڙ جواب نه ڏيڻ ۽ غلط بياني ڪرڻ تي عدالت کيس عدالتي ڪمري مان ئي هٿڪڙيون هڻائي لاڪ اپ ڪرائي ڇڏيو. ڪجهه دير کان پوءِ سرڪاري وڪيل معرفت معافي واري درخواست تي عدالت کيس معاف ڪري ڇڏيو.