پينشن ۽ پگهار گڏ وٺڻ تي لاڳو پابندي ختم: رٽائرمينٽ بعد ٻيهر نوڪري تي ٻئي مالي سهولتون بحال

پينشن ۽ پگهار گڏ وٺڻ تي لاڳو پابندي ختم: رٽائرمينٽ بعد ٻيهر نوڪري تي ٻئي مالي سهولتون بحال

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت جو وڏو يوٽرن. پنشن ۽ پگهار گڏ وٺڻ تي لاڳو پابندي ختم ڪري ڇڏي. پنشن ڪيسن بابت 22 اپريل ۽ 19 جون 2025 جا آفيس ميمورنڊم فوري طور ختم ڪيا ويا. ريٽائرمينٽ کان پوءِ ٻيهر نوڪري ڪرڻ تي پنشن ۽ پگهار ٻئي گڏ وٺڻ جي اجازت بحال ڪئي وئي آهي۔ ناڻي وزارت ري ايمپلائيمينٽ دوران پنشن بابت اڳوڻو حڪم واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق ريٽائرڊ آفيسرن کي ٻيهر نوڪري تي مڪمل مالي سهولتون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڊبل بينيفٽ اسڪيم بحال ڪئي وئي آهي.  ٻيهر مقرر ڪيل رٽائرڊ ملازم هاڻي پگهار سان گڏ پنشن به حاصل ڪري سگهندا.