اسلام آباد(بيورورپورٽ) وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ بجيٽ لاءِ پهرين گريڊ کان 16 گريڊ جي ملازمن جي پگهارن ۾ 35 سيڪڙو ايڊهاڪ الائونس اضافي جي منظوري ڏني.
17هين گريڊ کان وڌيڪ جي ملازمن جي پگهارن ۾ 30 سيڪڙو اضافو منظور ڪيو ويو.
پينشن ۾ ساڍا 17 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي.
مزدورن جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 32 هزار رپيا ماهورا ڪئي وئي آهي جنهن سان مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ ڏهاڙي هڪ هزار رپين کان وڌي ويندي.