| پينٽ جي پوئين کيسي ۾ ٻَٽون رکڻ خطرناڪ قرار |
لنڊن (انٽريسٽنگ نيوز) ماهرن پينٽ جي پوئين کيسي ۾ ٻٽون رکڻ کي خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏيوئ پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اڪثر مرد ٻٽون کي پنهنجي پينٽ جي پوئين کيسي ۾ رکندا آهن پر اها عادت کين هڪ خطرناڪ مرض ۾ مبتلا ڪري سگهي ٿي. اسان جي معاشري ۾ مردن جو وڏو انگ پينٽ شرٽ پائيندو آهي ۽ جيڪي ماڻهو ٻٽون رکندا آهن ته ان جو ٺڪاڻو پينٽ جو پويون کيسو ئي هوندو آهي پر هوشيار ٿي وڃو! ڇو ته اها عادت توهان کي مستقبل ۾ چيلهه جي مستقل سور ۾ مبتلا ڪري سگهي ٿي. ماهرن موجب عام ٻولي ۾ ان مرض کي والٽ شياٽيڪا چيو ويندو آهي ۽ ان مرض ۾ عورتن جي ڀيٽ ۾ مردن جي مبتلا ٿيڻ جي شرح وڌيڪ آهي. پينٽ جي پوئين کيسي ۾ والٽ رکڻ سان چيلهه جي رڳن تي زور پوندو آهي ۽ هوريان هوريان اها عادت مستقل چيلهه جي سور جو سبب بڻجي ويندي آهي. طبي ماهرن مشورو ڏنو آهي ته مردن کي گهرجي ته اهي والٽ کي پينٽ جي اڳئين کيسي ۾ رکن يا وري ويهڻ وقت والٽ پوئين کيسي مان ڪڍي پوءِ ويهن.