پيوٽن چريو، وڌيڪ پابندين جو اشارو، زيلنسڪي خاموش رهي: ٽرمپ

مَي 27, 2025

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ روسي صدر ولاديمير پيوٽن کي چريو قرار ڏيندي روس مٿان وڌيڪ پابندين جو اشارو ڏئي ڇڏيو. صدر ٽرمپ جو چوڻ هو ته پيوٽن يوڪرين جو هڪ ٽڪڙو نه پر پوري يوڪرين تي قبضو چاهي ٿو. جيڪڏهن ائين ٿيو ته اهو روس جي زوال جو سبب بڻجندو. هڪ انٽرويو ۾ هن يوڪريني صدر کي خاموش رهڻ جو مشورو ڏيندي چيو ته هو پنهنجي ملڪ جي حق ۾ سٺو ڪم ناهي ڪري رهيو هو، جڏهن به ڳالهائيندو آهي ته مسئلا پيدا ڪري ٿو، صدر ٽرمپ جو وڌيڪ چوڻ هو ته آمريڪا جي ايران سان ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، آمريڪا ۽ ايران ۾ ڳالهيون تعميري رهيو، ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي ان دوران ٻنهي ملڪن کي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • اسرائيل جي حمايت: G7 جو بيان

  • وائٽ هائوس کي هدايتون

  • ڪشمور مقابلو، 2 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار

  • رونالڊو:امن اپيل، ٽرمپ کي تحفو