پيوٽن ۽ اماراتي صدر ۾ رابطو، ايران جنگ بابت ڳالهيون، امن لاءِ سفارتي عمل جاري رکڻ تي زور

پيوٽن ۽ اماراتي صدر ۾ رابطو، ايران جنگ بابت ڳالهيون، امن لاءِ سفارتي عمل جاري رکڻ تي زور

ابوظهبي (م ڊ) اماراتي صدر شيخ محمد بن زيد ۽ روسي صدر ولاديمير پيوٽن ۾ ٽيفليفونڪ رابطو رابطو ٿيو، گڏيل عرب امارات ۽ روس ۾ اسٽريٽجڪ ڀائيواري مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي،اماراتي خابرو ايجنسي موجب وچ اوڀر جي صورتحال ۽ خطي ۾ سيڪيورٽي چيلنجز تي ڳالهيون ڪيون ويون، بين الاقوامي بحري واپار جو به جائزو ورتو ويو، صدر پيوٽن روس يوڪرين قيدين جي مٽاسٽا ۾ عرب امارات جي ڪامياب ٽياڪڙي واري ڪوششن کي ساراهيو. ڪريملن جي پريس سروس موجب ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته امن لاءِ مفاهمت تي ٻڌل سياسي ۽ سفارتي عمل کي جاري رکڻ انتهائي ضروري آهي.