ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن جي روڊن رستن ۽ شاهراهن توڙي گهٽين ۽ بازارن ۾ عوامي ڪروڌ ۽ احتجاج جو اڄڪلهه جيڪو منظر ڏسڻ ۾ اچي ٿو، اهو ڪنهن عام احتجاج جو اولڙو ناهي، پر عوام کي بيزار ڪندڙ مهانگائي سبب پيدا ٿيل گهري بيچيني، اندر ۾ دٻيل ڪاوڙ ۽ ٽٽل اميدن جو اظهار آهي. توا هٿن ۾ کڻي احتجاج ڪندڙ ماڻهو رڳو مهانگائيءَ خلاف آواز نٿا اٿارين، پر اهي دراصل ان نظام جي خلاف پڻ احتجاج ڪن ٿا، جنهن سندن زندگين کي ڏينهون ڏينهن وڌيڪ ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي. پيٽرول، ڊيزل ۽ گيس جي اگهن ۾ واڌ ان ڪاوڙ کي چڻنگ مان شعلي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ايوانن کان وٺي روڊن تائين، هر هنڌ احتجاج جي هڪ ئي صدا گونجي رهي آهي ته “هاڻي بس!”
قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ به اهو ئي طوفان ڏسڻ ۾ آيو آهي، جتي اپوزيشن جي ميمبرن سخت احتجاج ڪندي، ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون ۽ اسپيڪر جي ڊائس جو گهيرو ڪرڻ جهڙا منظر صرف سياسي روايتن جي ڀڃڪڙي نه هئا، پر ان ڳالهه جي علامت هئا ته ملڪ هڪ سنجيده معاشي ۽ سياسي بحران جي ور چڙهيل آهي. جڏهن پارليامينٽ سميت سڄي ملڪ جو ماحول احتجاجي صورتحال پيش ڪندو هجي، تڏهن اهو سمجهڻ ڏکيو ناهي ته ٻاهر عوام جي دلين ۾ ڪهڙو طوفان ڪر کڻي رهيو هوندو. فيبروري 2024 جي چونڊن دوران عوام سان ڪيل واعدا اڄ به عوام کي ياد آهن، جيڪي موجوده حڪمرانن پنهنجي تقريرن ۾ مهانگائي گهٽائڻ، روزگار پيدا ڪرڻ ۽ معيشت کي سنڀالڻ بابت ڪيا هئا. پر حقيقت اها آهي ته اهي واعدا وقت جي لهرن ۾ گم ٿي ويا آهن، ۽ انهن جي جاءِ تي مهانگائيءَ جو هڪ اهڙو طوفان اچي ويو آهي، جنهن عام ماڻهو جي زندگي کي بيحال ڪري ڇڏيو آهي. پيٽرول جي قيمت جيڪا ان وقت 150 رپيا في ليٽر هئي، اها وڌندي وڌندي 450 رپين جي حد تي اچي وئي، جڏهن ته ڊيزل 500 رپين کان مٿي پهچي چڪي آهي. جڏهن ته وزيراعظم پيٽرول جو اگهه 80 رپيا گهٽائڻ باوجود به 57 رپيا واڌارو برقرار رکيو ۽ ڊيزل ۽ گيس جو اگهه پڻ تاريخي چوٽ چڙهيل ئي رهڻ ڏنو آهي، اهڙي صورتحال ۾ ٻارڻ بچائڻ لاءِ جيڪڏهن “سمارٽ لاڪ ڊائون” جهڙا فيصلا نه ڪيا ويا ته جنگ کان پوءِ به ملڪ ۾ ٻيون نيون ڏکيايون پيدا ٿي سگهن ٿيون. جڏهن ته انگن جي هيرا ڦيري ۽ حساب ڪتاب جي ان راند وسيلي عوام تي مهانگائيءَ جو بار وڌندو پيو وڃي.
حڪومت طرفان بار بار عالمي مارڪيٽ، وچ اوڀر جي ڇڪتاڻ ۽ عالمي حالتن کي ان واڌ جو ذميوار قرار ڏنو وڃي ٿو. بيشڪ، دنيا جي معيشت هڪٻئي سان ڳنڍيل آهي، ۽ ڪنهن به علائقي ۾ ڇڪتاڻ جا اثر ٻين ملڪن تي به پون ٿا. پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي تہ، جڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ اگهه گهٽ ٿين ٿا، تڏهن عوام کي رليف ڇو نٿو ملي؟ ان عمل سان انصاف جو توازن ٽٽي وڃي ٿو. حقيقت اها آهي ته پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جي قيمت جو وڏو حصو ٽيڪسن تي ٻڌل آهي. پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي، جنرل سيلز ٽيڪس ۽ ٻيا محصول گڏجي هڪ اهڙو بار بڻجن ٿا، جيڪو سڌو سنئون عوام جي ڪلهن تي پوي ٿو. حڪومت وٽ اختيار آهي ته بحران جي وقت انهن ٽيڪسن ۾ گهٽتائي ڪري، پر ائين ڪرڻ بدران مالي هدفن کي ترجيح ڏني وڃي ٿي ۽ نتيجي طور عوام وڌيڪ مهانگائي جي بار ھيٺ دٻجندو وڃي ٿو. عالمي مالياتي ادارن سان معاهدا، خاص طور تي آءِ ايم ايف پروگرام، حڪومت جي معاشي پاليسين تي وڏو اثر ڇڏين ٿا. سبسڊي گهٽائڻ، ٽيڪس وڌائڻ ۽ آمدني وڌائڻ جهڙا شرط هڪ پاسي معاشي استحڪام لاءِ ضروري سمجهيا وڃن ٿا، پر ٻئي پاسي اهي عام ماڻهوءَ لاءِ زندگي کي وڌيڪ ڏکيو بڻائين ٿا. پر هتي سوال رڳو معاهدن جو ناهي، پر ترجيحن جو آهي. جيڪڏهن عوام مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيڙجي رهيو آهي، ته پوءِ حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي ڇو نٿي اچي؟ وڏا پروٽوڪول، شاهاڻا قافلا ۽ غير ضروري تقريبون جاري آهن، ۽ اهو تضاد عوام جي دل ۾ بي اعتمادي جو ٻج پوکي ٿو. پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ رڳو هڪ شعبي تائين محدود ناهي، پر اهو پوري معيشت ۾ هڪ زنجير جي ڪڙين وانگر آهي، جيڪو زندگيءَ جي ھر شعبي کي متاثر ڪري ٿو. ٽرانسپورٽ مهانگي ٿيڻ سان خوراڪ مهانگي ٿئي ٿي، زرعي پيداوار جي لاڳت وڌي وڃي ٿي، ۽ صنعتن جا خرچ به وڌن ٿا. نتيجي طور، مهانگائي هڪ اهڙي لهر بڻجي وڃي ٿي، جيڪا هر گهر جو در کڙڪائي ٿي.
دنيا اڳتي وڌي رهي آهي، شمسي توانائي، هوا مان بجلي ۽ اليڪٽرڪ گاڏيون مستقبل جو حصو بڻجي رهيون آهن. پر اسان جي ملڪ ۾ اڃا تائين روايتي ٻارڻ تي ڀاڙيو وڃي ٿو. جيڪڏهن وقت سر متبادل ذريعن ۾ سيڙپڪاري ڪئي وڃي ها ته اڄ ملڪ کي هن بحران جي شدت کي گهٽائڻ ۾ مدد ملي ها. هي رڳو هڪ معاشي ڪمزوري يا ناڪامي ناهي، پر هڪ اسٽريٽجڪ غفلت آهي، جنهن جا اثر اڄ واضح نظر اچي رهيا آهن. هن سڄي صورتحال جو سڀ کان وڏو نقصان شايد معاشي نه، پر سماجي ۽ سياسي آهي. عوام جو اعتماد ٽٽي رهيو آهي، ۽ جڏهن اعتماد ختم ٿئي ٿو ته جمهوريت جا بنياد به ڪمزور ٿي وڃن ٿا. اڄ جو احتجاج رڳو پيٽرول جي قيمتن خلاف ناهي، پر اهو هڪ وڏي نااميديءَ جو اظهار آهي. جڏهن ماڻهو محسوس ڪن ٿا ته سندن آواز ٻڌڻ وارو ڪو ناهي، تڏهن اهي روڊن تي نڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا.
هن بحران مان نڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته پاليسي سازي ۾ شفافيت، انصاف ۽ عوامي مفاد کي مرڪزيت ڏني وڃي. ٽيڪس نظام کي منصفاڻو بڻائڻ، توانائي جي متبادل ذريعن تي ڌيان ڏيڻ، ۽ حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ اهڙا قدم آهن، جيڪي صورتحال کي بهتر بڻائي سگهن ٿا. ان سان گڏوگڏ، عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ عارضي قدم به ضروري آهن، پر اهي قدم شفاف ۽ اثرائتا هجڻ گهرجن. اسان جو ملڪ اڄ هڪ اهڙي موڙ تي بيٺو آهي، جتي هر فيصلي جا اثر ايندڙ نسلن تائين پهچندا، پيٽروليم بحران رڳو هڪ معاشي مسئلو ناهي، پر اهو حڪمراني، پاليسي سازي ۽ عوامي اعتماد جو امتحان آهي. جيڪڏهن حڪمران وقت جي حالتن ۽ تقاضائن کي سمجهي سنجيده قدم کڻن، ته اڃا به اميد ڪري سگهجي ٿي. پر جيڪڏهن موجوده روش جاري رهي، ته مهانگائي جو هي طوفان نه رڳو معيشت کي، پر سماج جي بنيادن کي به لوڏي سگهي ٿو. ۽ جڏهن عوام توا کڻي روڊن تي نڪري اچي، تڏهن اهو رڳو بک ۽ مهانگائي جو احتجاج ناهي هوندو، اهو هڪ قوم جي دل جو آواز هوندو آهي، جيڪو هاڻي وڌيڪ خاموش رهڻ لاءِ تيار ناهي.