پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 6 کان 7 رپيا لاٿ جو امڪان

پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 6 کان 7 رپيا لاٿ جو امڪان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پهرين ڊسمبر کان پئٽروليم شين جي اگهن ۾ 6 کان 7 رپيا لاٿ جو امڪان  پيدا ٿي ويو، ذريعن موجب پئٽرول في لٽر 3 رپيا 70 پئسا سستو ٿي سگهي ٿو، هن وقت پئٽرول جي في لٽر قيمت 265 رپيا 45 پئسا آهي، ڊيزل جي اگهه ۾ 4 رپيا 28 پئسا في لٽر لاٿ ٿيندي، ڊيزل جي في لٽر قيمت 284 رپيا 44 پئسا آهي، ذريعن موجب امڪاني رليف جو سبب عالمي سپلاءِ ۾ واڌ آهي