پيٽروليم شين ۾ واڌ بعد ٽرانسپورٽرن ڀاڙا وڌائي ڇڏيا
جُولاءِ 1, 2025
ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ انٽر سٽي بس سروس جي ڀاڙن ۾ به واڌ ڪئي وئي.
مختلف انٽر سٽي بس سروسز جي مسافرن ڀاڙن ۾ واڌ تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. هڪ مسافر ٻڌايو ته هن صادق آباد جي ڪرائي لاءِ 2.000 رپيا ڏنا هئا، پر هاڻي اهي 2.300 رپيا وٺي رهيا آهن.
پيٽرول مهانگو، انٽر سٽي ٽرانسپورٽ ڀاڙن ۾ وڌيڪ 20 سيڪڙو واڌ، رڪشائن به ڀاڙا گهرڻ شروع ڪيا، ماڻهو ناراض.
هڪ ٻئي مسافر چيو ته هو ميرپور خاص کان 2.500 رپيا ڀاڙو ادا ڪري آيو هو، پر هاڻي ٽرانسپورٽر 3.000 رپيا واپسي جي طور تي گهري رهيو آهي.
ٻئي طرف ٽرانسپورٽرن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ اسان جي ڪاروبار تي اثر انداز ٿئي ٿي.
ٽرانسپورٽرن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڀاڙا وڌائڻ اسان جي مجبوري آهي، اسان کي سڀ خرچ برداشت ڪرڻا پونداآهن.